Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

منهنجو اهو خط کڻي وڃ ۽ ان تي اڇلائي۔ پوئتي هٽي ڏسجانءِ ته اهي ڪهڙو جواب ڏين ٿا۔ هڪ ڏينهن جڏهن ملڪه بلقيس وزيرن ۽ درٻارين سان گڏ ويٺل هئي، ايتري ۾ هدهد آيو ۽ ان خط کي ملڪه تي اڇلايو۔ ملڪه خط کنيو ۽ ان تي لڳل مهر ڏسي وزيرن کي چيائين: مون وٽ هڪ تمام وڏي بادشاھ جو معزز خط آيو آهي۔ پوءِ ان خط پڙھي ڪري ٻڌايو، ان خط جو مضمون قرآنِ پاڪ ۾ به بيان ڪيو ويو آهي، جيئن سيپارو 19، سورۃ النمل آيت 30 ۽ 31 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّهٗ مِنْ سُلَیْمٰنَ وَ اِنَّهٗ بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِۙ(۳۰) اَلَّا تَعْلُوْا عَلَیَّ وَ اْتُوْنِیْ مُسْلِمِیْنَ۠(۳۱)    (پ۱۹، النمل:۳۰،۳۱)

ترجموڪنزالايمان: بيشڪ اهو سليمان جي طرف کان آهي ۽ بيشڪ اهو الله نهايت مهربان رحم واري جي نالي سان آهي ۽ هي ته منهجي آڏو سرڪشي نه ڪريو مون وٽ ڪنڌ جھڪائي حاضر ٿيو۔

پوءِ ملڪه پنهنجي صلاحڪارن (Advisors) کان مشورو ڪيو، طئي هي ٿيو ته پهريان حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ڏانهن تحفو موڪليو وڃي۔ هن مان معلوم ٿي ويندو ته اهي بادشاھ آهن يا نبي، جيڪڏهن اهي صرف بادشاھ آهن ته تحفو قبول ڪري وٺندا ۽ جيڪڏهن نبي آهن ته هديو قبول نه ڪندا بلڪ اهي صرف انهيء تي راضي ٿيندا ته اسان انهن جي دين جي پيروي ڪريون۔ ائين ئي ٿيو حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام سمورا تحفا واپس موٽائي ڏنا ۽ قاصد کي فرمايائون: جيڪڏهن ملڪه ۽ ان جي قوم جا ماڻهو مون وٽ مسلمان ٿي حاضر نه ٿيا ته انهن جو انجام اهو ٿيندو ته اسان انهن کي جنگ ۾ شڪست ڏئي اتان ڪڍي ڇڏنداسين۔ قاصد اچي ملڪه بلقيس کي جڏهن ٻڌايو ته ان کي يقين ٿي ويو ته حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام صرف بادشاھ ناهن بلڪ الله پاڪ جا نبي به آهن۔ پوءِ هوءَ حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام سان ملاقات ڪرڻ جي لاءِ هڪ لشڪر ساڻ وٺي