Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

۴۱۴) جنن، انسانن، پکين ۽ جانورن سڀني تي سندن  جي حڪومت هئي ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام هر هڪ جي زبان ڄاڻندا هئا۔ (خازن، ۳/۴۰۴) پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي لشڪر ۾ جنات ۽ جانورن جيان پکين جو هڪ وَلَر به شامل هوندو هو۔ هڪ ڀيري پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام مڪي شريف کان واپس موٽندي يمن جي علائقي صنعا پهچي رڪي ويا۔ پکين جي وَلَر ۾ موجود هدهد ان موقعي کي غنيمت سمجھي سير لاءِ نڪري ويو۔ اهو اُڏامندي اُڏامندي سبا ملڪ  جي شهزادي ”بلقيس“ جي باغ ۾ پهچي ويو۔ اتي ان کي هڪ ٻيو هدهد نظر آيو۔ ان هد هد ملڪه بلقيس ۽ ان جي سلطنت، لشڪر ۽ تخت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ بلقيس جي سلطنت جو نظارو به ڪرايو ان ڪري گھڻي دير ٿي وئي۔ (معالم التنزيل، ۳/ ۳۵۳) هد هد جي ذميداري هوندي هئي ته جتي به حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ترسندا هئا ته هو پاڻي جي نشاندهي ڪندو هو۔ ڇوته هو پاڻي جي ويجھو يا پري هئڻ بابت ڄاڻي وٺندو هو، جتي ان کي پاڻي نظر ايندو هو، اهو پنهنجي چهنب سان ان هنڌ کي کوٽڻ شروع ڪندو هو پوءِ جن اچي ان هنڌ کي کوٽي پاڻي ڪڍندا هئا۔

حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن ان هنڌ تي لٿا ته کين پاڻي جي حاجت ٿي۔ لشڪر وارن پاڻي ڳوليو پر انهن کي نه مليو۔ هد هد کي ڏٺو ويو ته اهو پاڻي جي باري ۾ ٻڌائي پر هدهد موجود نه هو۔ (معالم التنزيل، ۳/۳۵۳ ملتقطاً) جڏهن هد هد حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام وٽ پهتو ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان کان دير جو سبب معلوم ڪيو، ان وڏي ادب سان عرض ڪيو: ته مون مُلڪِ سبا جي خبر آندي آهي، ان ملڪ تي هڪ عورت حڪومت ڪري رهي آهي، ان وٽ هر اها شيء آهي جيڪا بادشاهن جي شان وٽان هوندي آهي ۽ ان وٽ هڪ تمام وڏو ۽ عاليشان تخت به آهي۔ اها عورت ۽ ان جي قوم شيطان جي ورغلائڻ سبب الله پاڪ کي ڇڏي سج کي سجدو ڪري ٿي، جڏهن ته الله کان سوا ڪو معبود ناهي۔ (معالم التنزيل، ۳/۳۵۴ ملتقطاً) جڏهن هدهد پنهنجي پوري ڳالھ ٻڌائي ته حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جن فرمايائون: اسان (تنهنجو امتحان وٺي) ڏسون ٿا ته تو سچ چيو آهي يا ڪوڙ۔ پوءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام هدهد کي هڪ خط (Letter) ڏنو ۽ چيائون: