Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

انهن جي اولاد ۽ مال کي ختم ڪيو وڃڻ، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو مصر ۽ مدين ڏانهن هجرت ڪرڻ، حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي ستايو وڃڻ ۽ ڪيئي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام کي شهيد ڪيو وڃڻ اهي سڀ آزمائشن ۽ صبر ئي جا مثال آهن ۽ انهن مقدس هستين جون آزمائشون ۽ صبر هر مسلمان جي لاءِ هڪ نموني Model)) جي حيثيت رکن ٿيو۔ تنهنڪري هر مسلمان کي گھرجي ته ان کي جڏهن به ڪا مصيبت اچي ۽ اهو ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا ٿئي ته بي صبري ڪرڻ، هر هڪ جي سامهون پنهنجي پريشاني کي ٻڌائڻ بدران الله پاڪ جي ذات تي ڀروسو رکندي الله پاڪ جي انهن نيڪ ۽ تعظيم وارن ٻانهن يعني انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي مبارڪ زندگين مان مصيبتن ۽ تڪليفن تي صبر ۽ رضا جا مدني گل چونڊيندي صبر جو دامن پڪڙي رکي۔

زباں پر شکوۂ رنج و اَلَم لایا نہیں کرتے

نبی کے نام لیوا غَم سے گھبرایا نہیں کرتے

 

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيماري ۽ پريشاني تي شِڪوه ڪرڻ جي بدران صبر جي عادت اپنائڻ گھرجي ڇوته شڪايت ڪرڻ سان مصيبت پري ناهي ٿيندي، بلڪ بي صبري ڪرڻ سان صبر تي ملڻ وارو اَجر به ضائِع ٿي ويندو آهي۔ بغير ضرورت بيماري ۽ مصيبت جو اِظهار ڪرڻ به سٺي ڳالھ ناهي۔ جيئن حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا ته رسولِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: جنهن جي مال يا جان ۾ مصيبت آئي پوءِ ان تنهن کي لڪايو ۽ ماڻهن سان ان جي شڪايت نه ڪئي ته الله پاڪ تي حق آهي ته ان جي بخشش ڪري ڇڏي۔ (المُعْجَم الاَ وْسَط،۱/۲۱۴،حديث:۷۳۷)

صدر الشريعه مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هي عمل ته وڏن رُتبن وارن جو شان آهي ته (اهي) تڪليف جو به اهڙي طرح استقبال ڪندا آهن جيئن راحت جو (استقبال ڪندا آهن) پر اسان جهڙا گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته