Book Name:Ambiya-e-Kiraam Ki Naiki Ki Dawat

کائي وئي۔ (پ۱۹، الشعراء:۴۵) جادوگر اهو منظر ڏسي يڪدم سجدي ۾ ڪري مسلمان ٿي ويا۔ ڇوته انهن کي يقين ٿي ويو ته اهو جادو ناهي بلڪ معجزو آهي۔ (خازن، ۲/۱۲۷) پر فرعوني ظلم ۽ ستم، پنهنجي نافرماني ۽ ڪفر تي قائم رهيا۔

                                                                (خازن،۲/۳۰تا۳۲ ملتقطاًوملخصاً)

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام به تمام شين جي پرواه ڪرڻ کانسواءِ دينِ حق جي دعوت ڏني ۽ ان راھ ۾ مليل ڌمڪيون به سندس

 جي مقصد کي ناڪام نه ڪري سگھيون ۽ استقامت سان گڏ انهن  کي نيڪي جي دعوت ڏيندا رهيا ۽ تبليغِ دين جو فريضو سر انجام ڏيندا رهيا۔ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جو اهو عمل اسان جي لاءِ به هڪ بهترين مثال آهي جو اسان به انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام جي هن مقصد کي پنهنجي زندگي جو هڪ اهم مقصد سمجھون۔ ياد رکو ته زندگي ۾ قدم قدم تي آزمائشون اچن ٿيون، الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي ڪڏهن مرض ڏئي آزمائي ٿو، ته ڪڏهن جان ۽ مال جي ڪمي سان انهن جو امتحان ورتو ويندو آهي، ڪڏهن دشمن جي خوف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ته ڪڏهن ڪنهن نقصان کي سهڻو پوندو آهي، ڪڏهن آفتون ۽ مصيبتون اچي وينديون آهن ته ڪڏهن نوان نوان فتنه استقبال ڪندا آهن۔ اها ته عام زندگي جي حالت آهي جڏهن ته دين جي واٽ ۽ دين جي تبليغ ته خصوصيت سان اهڙي راھ آهي جنهن ۾ قدم قدم تي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هن ۾ آزمائشون ڪيئي ڀيرا وڌي وينديون آهن، هن سان سچي ۽ ڪوڙي جي سڃاڻپ ٿيندي آهي، انهيءَ سان الله پاڪ جي فرمانبردار ۽ نافرمان جون راهون جدا ٿي وينديون آهن، هن سان حقيقي عشقِ جا خالي نعرا لڳائڻ وارن ۽ حقيقت ۾ ان کي حاصل ڪرڻ  وارن ۾ فرق ظاهر ٿيندو آهي، حضرت نوح عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام تي اڪثر قوم جو ايمان نه آڻڻ، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي باھ ۾ وڌو وڃڻ، پنهنجي حقيقي فرزند کي قرباني جي لاءِ پيش ڪرڻ، حضرت ايوب عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو مختلف مصيبتن کي منهن ڏيڻ،