Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

شريف جنهن کي  اللہ  پاڪ حضرت سيدنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي نازل فرمايو، ان مقدس آسماني ڪتاب جي اندر به هن عظيم اُمّت جي فضيلتن ۽ ڪمال ۽ شاندار خُصوصيات کي بيان ڪيو ويو آهي، ايستائين جو جڏهن موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي عِلم ٿيو ته اهي تمام فضيلتون ۽ ڪمالات اُمّتِ مُصطفيٰ جا آهن، ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام  اللہ  پاڪ جي بارگاھ ۾ هن اُمَّت کي پنهنجي اُمَّت بنائڻ جي اِلتجا (Request) پيش ڪئي، پر جڏهن ان جي اجازت نه ملي ته پوءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام اُمَّتِ محبوب ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش جو اِظهار هنن لفظن ۾ ڪيو ته ”ڪاش! مان حضرت سيدُنا محمدِ مصطفٰي، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اصحاب (يعني صحابه) مان هجان ها۔“

هتي ڪجھ مدني گل ذهن نشين ڪريو ته: (1) پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي اُمت جو ڪهڙو ئي خاص ولي بلڪه صحابي ۽ اهلِ بيت بلڪه ڪو ملائڪ به ڪنهن به نبي جي برابر قطعاً نٿو ٿي سگھي، جيئن ته بهارِ شريعت ۾ آهي: عقيده (22): انبياءِ ڪرام، تمام مخلوق ايستائين جو رُسُلِ ملائڪه کان افضل آهن۔ ولي چاهي ڪيتري وڏي رتبي وارو هجي، ڪنهن نبي جي برابر نٿو ٿي سگھي۔ جيڪو ڪنهن غيرِ نبي کي ڪنهن نبي کان افضل يا برابر ٻڌائي، ڪافر آهي۔ (حصه1،ص47) (2) حضور پرنور، سيدالمرسلين، نبي الانبياء ۽ جميع مخلوقاتِ الٰهي کان افضل تر آهن. (فتاوي رضويه جلد۱۵، ص۲۶۸) (3) حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو ان اُمت ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش جو اظهار فرمائڻ، ان اُمت جي فضيلت جو پتو ضرور ڏي ٿو پر اهي ان اُمت کان نهايت افضل بلڪ انبياء اُولُو العَزم (انهن 5 انبياء (عَـلَـيْهِمُ السَّلَام) مان آهن جيڪي ٻين نبين (عَـلَـيْهِمُ السَّلَام) کان به افضل آهن۔

 اللہ  پاڪ جا ڪروڙين ڪروڙ احسان آهي جو ان رسولِ ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ اسان کي مسلمان بڻايو ۽ اسان کي رحمتِ ڪونين، ناناءِ حسنين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت ۾ شامل ڪري اسان تي ايترو وڏو احسان ڪيو جو جيڪڏهن اسان ان جي هن احسان تي سڄي زندگي به ان جو شڪر ادا ڪندا رهون تڏهن ان جو حق ادا نٿا ڪري سگھون۔