Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

ڀيرا درود نازل ٿين.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي بَيان ۾ اسان ”اُمّتِ مُصطفيٰ جون خُصوصيات“ جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪنداسين۔ سڀ کان پهريان اسان ٻڌنداسين ته تورات شريف ۾ اُمّتِ مُصطَفٰي جون بيان ڪيل ڪهڙين ڪهڙين خُصوصيتون (Characteristics) ۽ فضائل ۽ ڪمالات کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جڏهن حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي اُمّتِ محبوب جي خُصوصيتن جو عِلم ٿيو ته انهن ڪهڙي شيء جي خواهش جو اِظهار ڪيو هو؟ هن کان پوءِ اُمّتِ محبوب جي اَفضل هجڻ جو سبب ۽ اُمّتِ مصطفيٰ جون ڇھ (6) عظيمُ الشَّان فضيلتون به بَيان ٿينديون، اُمّتِ محبوب جي ماڻهن جا حافِظا ڪيتري قدر مضبوط هوندا هئا، ان بابت بزرگن جي اَقوال ۽ حافظُ الحديث حضرت سَيدُنا امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی