Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

امير ِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مشهورِ زمانه نعتيه ديوان ”وسائل بخشش“ ۾ لکن ٿا ته

شکر تیرا کہ اُن کی اُمّت میں   مجھ کو اے ذُوالجلال رکھا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اُمّتِ مصطفيٰ جي افضل هئڻ جو سبب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح حضور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تمام رسولن جا سردار ۽ سڀني کان افضل آهن، بِلا تشبيه حضور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي صدقي ۾ حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي اُمت تمام اُمتن کان افضل (آهي)۔ (بهارِ شريعت، ١/٥٤) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اسان ڪيترا خوشنصيب آهيون جو  اللہ  ڪريم جي حبيبِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دامن ڪرم اسان جي گنهگار هٿن ۾ آيو، يقيناً اسان جا پيارا ۽ مٺا مٺا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تمام اَنبياءِ ڪرام عَلَيهم الـصَّلٰوة وَالـسَّلَام ۾ سڀني کان افضل ۽ اعليٰ آهن ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي صدقي ۾ سندن جي اُمت به سڀني اڳوڻين امتن کان افضل آهي. افضليت جو سبب هرگز هرگز هي ناهي ته هن اُمت ۾ سرمائي دارن جي ڪثرت هوندي يا اهي ماڻهو دنياوي طور تي گھڻا تعليم وارا هوندا، انهن ۾ انجينيئر ۽ ڊاڪٽرن جي گھڻائي هوندي، نه ئي فضيلت جو سبب هي آهي ته هي جنگجو، بهادر ۽ طاقتور هوندا يا اهي انهيءَ ڪري افضل آهن ته نهايت ئي چالاڪ ۽ هوشيارهوندا، بلڪ انهن جي فضيلت جو سبب ته هي آهي جو اهي ڀلائي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ جي اهم منصب تي فائز آهن. جيئن سيپارو 4،سورهٔ آلِ عمران جي آيت نمبر110 ۾ خداءِ رحمٰن جو فرمانِ عاليشان آهي :

كُنْتُمْ  خَیْرَ  اُمَّةٍ  اُخْرِجَتْ  لِلنَّاسِ   تَاْمُرُوْنَ  بِالْمَعْرُوْفِ  وَ  تَنْهَوْنَ  عَنِ  الْمُنْكَرِ  وَ  تُؤْمِنُوْنَ  بِاللّٰهِؕ

                                                            ترجمو ڪنزالايمان؛ توهان ڀلا آيو انهن سڀني امتن کان جيڪي ماڻهن ۾ ظاهر ٿيون چڱائي جو حڪم ڪريو ٿا ۽ برائي کان روڪيو ٿا ۽ الله تعاليٰ تي ايمان رکو ٿا۔

تفسيرِ خازن ۾ هن آيتِ سڳوري تحت لکيل آهي: هن اُمَّت کي نيڪي