Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

ويندو۔“ اهو چئي حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: ”اي منهنجا پروردگار! تون انهن کي منهنجي اُمَّت بڻاءِ۔“  اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: ”اي موسٰي! اها اَحمدِ مجتبيٰ، محمدِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت آهي۔ هتي هڪ ڳالھ غور لائق آهي ته گناھ جو پڪو ارادو ڪرڻ مثال طور اسباب نه هئڻ جي ڪري گناھ نه ڪيو، پر مڪمل ارادو هو ته هاڻ گناھگار ٿيندو۔

حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تورات ۾ ڏٺو ته بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪيو: اي  اللہ  پاڪ! مون هڪ اُمَّتِ مرحُومه جو ذڪر ڏٺو، جيڪي ڪمزور هئڻ جي باوجود ڪتابُ  اللہ  جا وارث ٿيندا ۽ تو انهن کي چونڊي ورتو آهي، انهن مان ڪو پنهنجي جان تي ظلم ڪرڻ وارو هوندو، ڪو وچين راھ هلڻ وارو هوندو ۽ ڪو نيڪين ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو هوندو، مون انهن مان ڪو هڪ به اهڙو نه ڏٺو جنهن تي رحم نه ڪيو ويو هجي۔“ اهو چئي حضرت سيدُنا موسٰي
عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: ”اي پاڪ پروردگار! انهن کي منهنجي اُمَّت بڻاءِ۔“  اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: ”اي موسٰي! اها احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت آهي۔“

حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تورات ۾ ڏٺو ته عرض ڪيو: ”اي  اللہ  پاڪ! انهن جا مَصاحِف انهن جي سيني ۾ (محفوظ) هوندا (يعني قرآنِ ڪريم انهن جي سِينن ۾ محفوظ هوندا)، اهي جنت وارن جهڙو مختلف (Different) رنگن جو لباس پائيندا ۽ ملائڪن جيان صفون ٻڌي نماز پڙھندا، مسجدن ۾ انهن جو آواز ماکي جي مک جي ڀنڀاٽ جيان هوندو ۽ جهنم ۾ انهن مان اهو ئي شخص داخل ٿيندو جيڪو نيڪين کان هن طرح خالي هجي، جيئن پٿر وڻ جي پنن کان خالي هوندو آهي۔“ اهو چئي حضرت سيدُنا موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: ”اي منهنجا پروردگار! تون انهن کي منهنجي اُمَّت بڻاءِ۔“  اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: ”اي موسٰي! اها احمدِ مجتبيٰ، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمَّت آهي۔“ جڏهن حضرت سيدُنا

 موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام کي ان فضيلت سان تعجب ٿيڻ لڳو جيڪي  اللہ  پاڪ سيدُالانبياء، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ اُنهن جي اُمَّت کي عطا فرمائي ته چوڻ