Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

تمام گمراھ ٿي وينديون هيون، پر هن اُمّت ۾ قيامت تائين هڪ فرقو (سوادِ اعظم يعني اهلسنّت وجماعت) حق تي رهندو۔ (5) هن اُمّت ۾ هميشه اَولياءُ  اللہ  ۽ عُلَماءِ رَبّاني ٿيندا رهندا، جنهن وڻ جي پاڙ سائي رهي ان ۾ گل ۽ ميوا ٿيندا رهندا آهن۔ (6) اها ئي اُمّت سڀاڻي قيامت جي ڏينهن بارگاھِ الٰهي ۾ اڳوڻن نبين جي شاهدي ڏيندي ته خدايا! انهن پنهنجي قومن کي تبليغ ڪئي هئي۔

                                                    (تفسيرنعيمي،پ۴،آل عمران، تحت  الآيۃ: ۱۱۰،٤/٩)

اے  خدائے  دو  جہاں  اِحسان   تیرا   ہے   بڑا                            تُو نے پیدا ان کی اُمّت میں ہمیں فرمایا  ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان ڪيل مدني گلن ۾ اُمت جي فضيلت سان گڏوگڏ  اللہ  پاڪ جا احسان به بيان ڪيل آهن، جن ۾ هي به آهي ته اسان جي جرم ۽ گناهن جي پرده پوشي جو اهتمام ڪيو ويو آهي ۽ هن اُمت ۾ علماء ۽ اولياء ٿيندا رهندا۔ اڄ به ڏسجي ته سڄي دنيا ۾ ڪروڙين مسلمان حنفي ته ڪروڙين شافعي، اهڙي طرح مالڪي ۽ حنبلي آهن۔ اهڙي طرح ڪروڙين قادري، نقشبندي، چشتي، سهروردي سلسلن سان وابسته ٿي اولياءِ ڪرام جي ڇانو ۾ آهن۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اُمّتِ مصطفيٰ کي ربِّ ڪريم جن خُصوصيات سان نوازيو آهي، انهن مان هڪ خُصوصيت هي به آهي ته  اللہ  پاڪ ان کي اُمّت کي حافظي جي مضبوطي جي عظيمُ الشان نعمت به عطا فرمائي آهي۔ جيئن

ننڍي عمري ۾ عِلم حاصل ڪرڻ

حضرت سَيدُنا حسين بن عبدالرحيم عراقي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن اُمّت جي هڪ خُصوصيت هي به آهي ته ماڻهن پنهنجي ننڍڙي ڄمار ۾ جن علوم تي عُبور حاصل ڪيو، اڳوڻيون اُمّتون وڏي ڄمار ملڻ جي باوجود حاصل نه ڪري سگھيون، اهو ئي سبب آهي ته ايتري ڪم عمري ۾ هن اُمّت جي مجتهدن تي علوم ومعارف جا خزانا کلي ويا۔ (شرح زرقاني علي المواهب،خصائص امته … الخ، ۷/۴۷۸)