Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف فرما ٿيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ،ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳ مفهوماً)

”صداءِ مدينه“ واري مدني ڪم بابت وڌيڪ مفيد ترين معلومات ڄاڻڻ جي جي لاءِ مڪتبة المدينه جي مطبوعه رِسالي ”صداءِ مدينه“ جو مطالعو ڪريو۔

اچو! بطورِ ترغيب ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌي خوش ٿي وڃو،

صداءِ مدينه  ڏيکاري مدينه

هڪ ڊويزن (Division) جي مَدَني مشوري ۾ مَدَني مَشوري دوران جڏهن صداءِ مدينه جي ڳالھ نڪتي ته هڪ اسلامي ڀاءُ بيهي چوڻ لڳو: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن کي مديني شريف جي حاضِري جي سَعَادَت حاصِل ٿي آهي ۽ اهو سڀ صداءِ مدينه جون برڪتون آهن، ڇوته هو پابندي سان صداءِ مدينه لڳائيندو آهي۔

صدائے مدینہ دِکھائے مدینہ     الٰہی دکھا دے ضیائے مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شبِ قدر اها عظيمُ الشَّان رات آهي جنهن جي اَهمِّيت ۽ فضيلت کي مسلمانن جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو، ڇوته هن رات ۾ قُرآنِ ڪريم لاٿو ويو، اها رات هزار (1000) مهينن کان افضل آهي، هن رات جي فضيلت ۾ قرآنِ ڪريم جي ٽيهين (30) سيپاري ۾ هڪ مڪمل (Complete) سُورت به آهي، ان جي علاوه هن رات جا ٻيون به کوڙ فضيلتون ۽ برڪتون ڪتابن ۾ موجود آهن۔ ياد رهي! هن اُمّت کان اڳ ۾ به ڪيئي اُمّتون آيون پر ڪنهن کي به اها عظيمُ الشان نعمت نه ملي، پر ربِّ ڪريم تمام نبين جي سردار، مڪي مديني جي تاجدارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت کي اهو شرف بخشيو ته ان کي شبِ قدر جهڙي عظيمُ الشان ۽ مبارڪ رات جو تحفو عطا فرمايو، جيئن

شبِ قدر عطا ڪئي وئي

حضرت سَيدُنا عَبْدُ  اللہ  بن عباس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهمَا فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ