Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

پنهنجي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن اُمّت سان ڪيتري محبت فرمائي ٿو۔

ٿورو سوچيو! گناهن جي ارتڪاب سبب جيڪڏهن هن اُمّت جي لاءِ به طاعُون کي عذاب بڻايو وڃي ته ڪيتري قدر تڪليف ۽ آزمائش ٿئي ها، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان  اللہ  پاڪ جي نافرمانين کان پاڻ به بچون ۽ ٻين کي به بچايون، خوب خوب نيڪيون ڪيون ۽ سُنّتن ڀري زندگي گذاريون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي برڪت سان گناهوں کان نفرت، نيڪين سان محبت ۽ سُنّتن تي عمل جو جذبو نصيب ٿيندو آهي، تنهنڪري هن مدني ماحول سان وابسته رهي 12 مدني ڪمن ۾ عملي طور تي شامل ٿي نيڪين جو ذخيرو گڏ ڪندي راھ آخرت جي لاءِ آخرت جو سامان گڏ ڪريو۔

ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”صداءِ مدينه“ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ کي ”صَداءِ مدينه“ لڳائڻ چوندا آهن۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ”صَداءِ مدينه“ جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي،  اللہ  پاڪ چاهيو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون۔ ٭ "صداءِ مدينه" ۾ پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي، مسلمانن کي نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنت حيدري ۽ سنت فاروقي آهي، اَمِيرُالمؤمنين حضرت