Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

بخاري شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته تمام نبين جي سردار، جنابِ احمدِ مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: طاعون هڪ عذاب هو،  اللہ  پاڪ جنهن تي چاهي ان ڏانهن موڪلي۔ پوءِ  اللہ  ڪريم مؤمنين جي لاءِ ان کي رحمت بڻائي ڇڏيو۔ ته جيڪو شخص طاعون ڦهلجڻ جي زماني ۾ پنهنجي شهر ۾ صبر سان ثواب جي طلب لاءِ هن اعتقاد سان ترسيل رهي ته ان کي اهو ئي پهچندو جيڪو  اللہ  ڪريم ان جي لاءِ لکيو آهي ته ان جي لاءِ شهيد جي مثل ثواب آهي۔   (بخاري ،ڪتاب الطب ، باب اجر الصابر في الطاعون ،۴/۳۰ حديث: ۵۷۳۴)

حضرت علامه غلام رسول رضوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن حديث مان واضح ٿئي ٿو ته هن اُمَّتِ مُحَمَّدِيه تي  اللہ  ڪريم جي وڏي مهرباني آهي ڇوته جيڪا بيماري ٻين اُمّتن جي لاءِ عذاب مقرر ڪئي وئي آهي، اها هن اُمّت جي لاءِ  اللہ  پاڪ جي رحمت آهي۔ طاعون بني اسرائيل جي لاءِ عذاب ۽ هن اُمّت جي لاءِ رحمت آهي۔ (تفهيم البخاري، ۵/۳۵۵) ٻي هنڌ تي لکيائون: هن اُمّت جي مومنن جي لاءِ طاعُون کي رحمت ڪيو ويو آهي، هن جو رحمت هئڻ هن لحاظ سان آهي ته هي شهيد جي ثواب کي شامل آهي، توڙي جو صورت جي اعتبار سان سخت تڪليف ده آهي۔ (تفهيم ا لبخار ي، ۸/۸۰۰)

کرم   اے  شافعِ  محشر  کھلے  اَعمال   کے  دفتر     گو بدکار و کمینہ ہوں مگر ہوں تیری اُمّت سے

نہ نامے میں عبادت ہے نہ پلّے کچھ ریاضت ہے    الٰہی! مغفرت فرما ہماری اپنی رحمت سے

الٰہی! واسطہ دیتا ہوں میں میٹھے مدینے کا  بچا    دنیا کی آفت سے بچا عقبٰی کی آفت سے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ!  اللہ  ڪريم جي رحمت تي قربان جو ان مديني جي تاجدار، ٻنهي جھانن جي مالڪ و مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت جي لاءِ طاعون جيڪو اڳوڻي اُمّتن جي لاءِ بطورِ عذاب مقرر هو، پر هن اُمّت جي لاءِ ان کي رحمت بڻايو ويو۔ جنهن سان اهو اندازو لڳائڻ ٿورو به مشڪل ناهي ته  اللہ  پاڪ