Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ علم ِ دين جو نور ڦھلائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مجلس آئي ٽي (I.T) جي تعاون سان ”دارالافتاء اهلسنّت“ موبائل ايپليڪيشن (Application) به اچي چڪي آهي ۽ وڌيڪ ترقي جو سفر جاري آهي۔ ياد رکو! پاڪستاني وقت جي مُطَابِق صبح 10 بجي کان شام 4 بجي تائين هنن نمبرز تي رابطو ڪري سگھجي ٿو، (منجھند جو هڪ کان به بجي تائين وقفو ٿيندو آهي) جُمُعي جي ڏينهن موڪل هوندي آهي. (رمضان المبارڪ ۾ ضرورتاً وقت ۾ تبديلي به ڪئي ويندي آهي)۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح، کتاب الایمان، باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ، الفصل الثانی،۱ /۵۵، حدیث :۱۷۵)

سُنَّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں

 

نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

کاڌي کائڻ جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”سنتيں اور آداب“ مان کاڌو کائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا ٭ کاڌي کان پهريان پنهنجا هٿ ڪاراين تائين ڌوئو، نور جي پيڪر، سڀني نبين جي سَروَر، ٻنهي جهانن جي تاجوَر، سلطان بحر و بَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو؛ ”جيڪو اهو پسند ڪري ته  اللہ  تعاليٰ ان جي گهر ۾ بَرَڪت وڌائي ته ان کي گھرجي ته جڏهن کاڌو حاضر ڪيو وڃي ته وضو ڪري ۽ جڏهن کنيو وڃي تڏهن به وضو ڪري۔“ (سنن ابن ماجه، حديث 3260، ج 4 ص 9) حڪيم الامت مفتي احمد يار خان