Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

ڏيون ٿا ته اوهان جيڪو ڪجھ چيو آهي، هو سڀ سچ آهي۔ ان تي حضرت سَيدُنا نوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي قوم چوندي: اي احمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: اوهان کي ۽ اوهان جي امت کي هن بابت ڪيئن خبر پئي؟ اسان سڀني کان پهرين اُمَّت آهيون جڏهن ته اوهان جي اُمَّت سڀ کان آخر ۾ تشريف کڻي آيا آهيو ته مڪي مدني سلطان،سرورِ ذيشان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سوره نوح تلاوت فرمائيندا، جڏهن پاڻ (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) سورت ختم ڪندا ته سندن امت چوندي ته اسان شاهدي ڏيون ٿا ته هي سچو واقعو آهي ۽  اللہ  پاڪ کان سوا ڪو معبود ناهي ۽ بيشڪ  اللہ  پاڪ ئي غالب حڪمت وارو آهي۔

                   (مستدرڪ، ڪتاب: تواريخ المتقد مين من الانبياء والمرسلين،شهادۃ نبينا وامته…الخ، ۳/ ۴۱۴، حديث:۴۰۶۶)

یہ  سب  اللہ  کی  عنایت  ہے   مل گئی مُصْطَفٰے کی اُمّت ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طاعون هن اُمّت جي لاءِ رحمت آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! طاعون هڪ اهڙي جان ليوا وبائي بيماري آهي جنهن کي ڊاڪٽر (پليگ) Plague چوندا آهن۔ هن بيماري ۾ ڪنڌ، بغل ۽ ران جي ڪناري ۾ انب جي گھوٽي( ککڙي) برابر ڳوڙهيون نڪرنديون آهن۔ جن ۾ بي پناھ درد ۽ ناقابلِ برداشت سوزش ٿيندي آهي۔ شديد بخار ٿيندو آهي، اکيون ڳاڙهيون ٿي دردناڪ جلن سان شعلي جيان سڙنديون آهن، آخرڪار مريض درد جي شدت ۽ شديد بي چيني ۽ بيقراري ۾ تڙپي تڙپي تمام جلد مري ويندو آهي۔ (عجائب القرآن، ص۲۶۱)

ياد رهي! طاعون جو اهو تباه ڪن مَرَض اڳوڻين اُمّتن جي لاءِ عذاب طور مقرر ڪيو ويو هو، پر اهو اُمَّتِ محبوب جي خُصوصيات مان آهي ته  اللہ  پاڪ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ هن مرض کي مومنن جي لاءِ رحمت جو سبب بڻايو آهي، جيئن

اُمّتِ محمديه تي الله ڪريم جو خاص فضل ۽ ڪرم