Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن اُمت ۾ کوڙ عالم سڳورا ٿيا، ٿي رهيا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي۔

اچو! اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪريو ته ڇا اسان پاڻ تي لازم (فرض و واجب) علوم به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا؟ بعض فرائض علوم حاصل ڪرڻ جو ذريعو مدرسة المدينه بالغان به آهي، مدرسة المدينه آن لائن (On line) جي ذريعي پنهنجي وقت جي سهولت جي مطابق مُختلف موضوعات تي علمِ دين حاصل ڪري سگھجي ٿو (مدرسة المدينة On Line جي فِيس (Fee) به آهي ۽ اهو سڀ انٽرنيٽ ذريعي پڙهايو ويندو آهي)۔

حفظ و يادداشت جي صلاحيت

حضرت سَيدُنا قتاده رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ارشاد فرمائن ٿا:  اللہ  ڪريم هن اُمّت کي حفظ ۽ يادداشت (حيرت انگيز حافظي) جي اها صلاحيت عطا فرمائي آهي جيڪا اڳوڻين اُمّتن مان ڪنهن کي به عطا نه ڪئي وئي،  اللہ  پاڪ هن نعمت کي سرڪارِ  مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت سان خاص فرمايو ۽ ان جي بدولت هن اُمّت جي عزّت افزائي فرمائي۔ (شرح زرقاني علي المواهب،خصائص امته… الخ، ۷/۴۷۸)

اچو! برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ قوتِ حافظه جي عظيم جوهر سان مالا مال ۽ اُمّتِ محبوب کي فيضانِ حديث سان فيضياب ڪرڻ واري هڪ عاشقِ رسول بزرگ جي قوتِ حافظه جي باري ۾ ٻڌو،

3 لک حديث سڳوريون

نَاصِرُ الحَدِيث، اَمِيرُالمُؤمِنِين فِي الحَدِيث حضرت سَيدُنا ابو عَبدُ اللہ  محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حافظي جي قوت بيان ڪرڻ جي لاءِ اها ڳالھ ئي ڪافي آهي ته جنهن ڪتاب کي پاڻ هڪ نظر ڏسندا هئا، اهو انهن کي حفظ ٿي ويندو هو، علم پارائڻ جي ابتدائي دور۾سندن کي 70 هزار حديث سڳوريون حفظ (يعني زباني ياد) هيون۽بعد ۾ وڃي اهو عدد 3 لک تائين پهچي ويو،جن مان هڪ لک حديثون صحيح ۽ ٻه لک غير صحيح هيون، هڪ ڀيريبلخنالي شهر ويا