Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

عَلَيْه جي بي مثال يادداشت جو هڪ واقعو به اسان ٻڌنداسين۔ آخر ۾ تاجدار نبوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي اُمّت سان مَحَبَّت ۽ شفقت جون ڪجھ جھلڪيون به بَيان ٿينديون۔  اللہ  ڪري ته دِلجمعي سان اسان اوّل تا آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔ ڪي اسلامي ڀائر بيان دوران تسبيح جي ذريعي درود شريف وغيره پڙھندا رهن ٿا، ذِڪر ڪندا رهن ٿا، ياد رکو! هي هن جو موقعو نه آهي، اسان جيئن ته علمِ دِين سکڻ جي نيت سان هتي گڏ ٿيا آهيون ته بيان دوران سڄو ڌيان بيان ڏانهن ئي هئڻ گھرجي، ڇو جو علمِ دين سکڻ جي لاءِ علم دين وارو بيان ٻڌڻ به ذِڪرُ  اللہ  ئي ۾ شامل آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تورات ۾ اُمَّتِ محمديه جون فضيلتون

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي تمام ئي پياري ڪتاب اللّٰه والوں کی باتيںجلد 5 صفحه نمبر516 تي آهي: حضرت سيدُنا موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي منهنجا مولا! مون تورات ۾ هڪ اهڙي اُمّت جو تذڪرو ڏٺو آهي جيڪا سڀني اُمّتن کان بهتر هوندي، ماڻهن کي ڀلائي جو حڪم ڏيندي ۽ بُرائي کان منع ڪندي، اها اڳوڻين ۽ بعد وارن تمام ڪتابن تي ايمان آڻيندي، ايستائين جو ڪاڻي دجّال کي به قتل ڪندي۔ حضرت سيدُنا موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: ”اي منهنجا پاڪ پرورگار! ان کي منهنجي اُمَّت بڻاءِ۔  اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: ”اي موسٰي! اها اَحمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمَّت آهي۔“ حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: ”اي منهنجا پروردگار! مون هڪ اهڙي اُمّت جو ذِڪر ڏٺو جيڪي  اللہ  پاڪ جي گھڻي حمد ڪندا، سج جو خيال رکندا (يعني نماز ۽ روزن جي ڪري هميشه سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ جو حساب رکندا۔ نمازون افطار سحري ته سج سان آهن پر روزا عيدون حج وغيره چنڊ سان ان ڪري مسلمان ٻنهي جو حساب رکندا آهن ٻي ڪا قوم اهي ٻئي ڪم ناهي ڪندي۔ (مرآۃ المناجيح، ۸/۵ ۳ملتقطاً) ۽ منصَبِ حڪومت ۽ امامت تي فائز هوندي، جڏهن ڪنهن ڪم جو ارادو ڪندا ته چوندا: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان هن