Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

اُمّت جي حالِ زار جو جائزو وٺون ته اها دل خراش حقيقت (Reality) سامهون ايندي ته اُمّتِ مسلمه جي اڪثريت هاڻ پنهنجي هن محسن ۽ مهربان آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي احسانات ۽ فرمانن کي وساري فرائض ۽ واجبات جي ادائيگي کان غافل ٿي نفس ۽ شيطان جي پيروي ۾ مشغول آهي، قرآنِ ڪريم جي ارشادات کي وساري ويٺي آهي، مسجدن کان پري ۽ علم ۽ عالمن جي اهميت سمجھڻ کان محروم نظر اچي رهي آهي، عاشقانِ رسول سان رشتو ٽوڙي بُري صحبتن جي شيدائي ٿي وئي آهي، پنهنجي بزرگن جي تعليمات کي بلڪل وساري چڪي آهي، سُنّتن کان پاسو ڪري فيشن پرستي جي دلدل ۾ ڦاسجندي پئي وڃي، غيرمسلمن ۽ فاسق و فاجر ماڻهن جي نقل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندي آهي، حقوقُ  اللہ  ۽ حقوقُ العباد جي ادائيگي جي اهميت کان غافل ٿي چڪي آهي، وياج، جُوا، شراب نوشي، رِشوت، بدڪاري، حرص ۽ لالچ، قتل و غارت گري ۽ قطعِ رِحمي جي آفت ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته ڪوڙ، غيبت، حسد، تڪبر، وعده خلافي، ظلم، عيب جوئي، فحاشي، والدين جي نافرماني، چوري، ڌاڙو، بي حيائي ۽ بي پردگي جهڙي ڪيئي تباھ ڪن بُرائين جو شڪار آهي۔ اَلْاَمَان وَالْحَفِيظ

اے  خاصۂ  خاصانِ  رُسُل  وقتِ  دُعا ہے    اُمّت پے تیری آکے عجب وقت پڑا ہے

جو  دِین  بڑی  شان سے نکلا تھا وطن سے    پردیس میں وہ آج غریبُ  الْغُرَباء ہے

جو  قوم  کے  مالک  تھی  علوم  اور  حِکم  کی    اب  علم  کا واں  نام  نہ  حکمت کا پتا ہے

جو کچھ ہیں وہ سب اپنے ہی ہاتھوں کے ہیں کر تُوت   شکوہ  ہے  زمانے  کا  نہ  قسمت  کا  گِلہ ہے

فریاد   ہے  اے  کشتیِ  اُمّت  کے  نگہباں   بیڑا یہ  تباہی کے قریب آن لگا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دارُالاِفتاءاَهلسُنّت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان اهڙا اُمّتي بڻجي