Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

ته اتي جي ماڻهن فرمائش ڪئي، اوهان پنهنجي شُيوخ کان هڪ هڪ روايت بيان ڪريو ته پاڻ هڪ هزار شُيوخ کان هڪ هزاراحاديث زباني بيان ڪيون۔               

                                                        (ارشاد الساري،ترجمۃ الامام بخاري ،۱/ ۵۹ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اُمّتِ محبوب جي خُصوصيتن مان هڪ بهترين خُصوصيت هي به آهي ته بروزِ قيامت جڏهن اڳوڻيون اُمّتون پنهنجي نبين کي جهٽلائنديون ته  اللہ  ڪريم اُمتِ مُصطفيٰ کي اهو شرف عطا فرمائيندو ته ان ڏينهن اها امت انبياءِ ڪرام جي حق ۾ شاهدي ڏيندي، جيئن ته

نبين جي باري ۾ اُمتِ محبوب جي شاهدي

نبي ڪريم، رؤف و رحيم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: بيشڪ  اللہ  عَزَّوَجَلَّ قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان حضرت نوح عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ۽ سندن امت کي سڏيندو ۽ فرمائيندو: توهان نوح کي ڪهڙو جواب ڏنو هو؟ اهي چوندا: انهن نه اسان کي ڪڏهن دعوت ڏني، نه تنهنجو ڪو حڪم پهچايو، نه ڪڏهن نصيحت ڪئي ۽ نه اسان کي ڪنهن شيء جو حڪم ڏنو ۽ نه منع ڪيو، حضرت سَيدُنا نوح عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪندا: اي منهنجا ڪريم ربّ! مون انهن کي اهڙي دعوت ڏني جيڪا اوّلين ۽ آخرين سڀني کي ملي هئي،  اللہ  ڪريم ملائڪن کي فرمائيندو: احمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ۽ سندن امت کي سڏيو، ته رسول  اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن امت ان شان سان حاضر ٿيندا جو انهن جو نُور انهن جي اڳيان اڳيان هوندو۔ حضرت سَيدُنا نوح عَلَيۡهِ السَّلَام، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن اُمَّت کي چوندا: ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته مون پنهنجي قوم کي  اللہ  پاڪ جو پيغام پهچائي ڇڏيو هو ۽ انهن کي سمجھائڻ جون نهايت ڪوششون ڪيون هيون ۽ لڪ ۾ ۽ اعلانيه انهن کي دوزخ مان بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پر پوءِ به هي منهنجي دعوت کان پري ڀڄندا رهيا۔ ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن اُمّت چوندي: اسان گواهي