Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ بني اسرائيل جي هڪ شخص جو تذڪرو ٿيو، جنهن هڪ هزار مهيني  اللہ  ڪريم جي راھ ۾ وڙهيو۔ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي ان بابت گھڻو تعجب ٿيو ۽ تمنا ڪرڻ لڳا: ڪاش! انهن جي لاءِ به ائين ممڪن هجي ها۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  اللہ  ڪريم جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي منهنجا ربِّ ڪريم! تو منهنجي اُمّت کي ننڍي عمر عطا ڪئي آهي، هاڻ انهن جا عمل به گھٽ ٿيندا۔ ته  اللہ  ڪريم پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شبِ قدر عطا فرمائي ۽ ارشاد فرمايو: اي محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! شبِ قدر هزار مهينن کان بهتر آهي جيڪا مون تون کي ۽ تنهنجي اُمّت کي هر سال عطا فرمائي آهي۔ اها رات رمضان ۾ توهان جي لاءِ ۽ قيامت تائين ايندڙ توهان جي اُمّتين جي لاءِ آهي، جيڪا هزار مهينن کان بهتر آهي۔ (الروض الفائق،ص۴۹)

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! اسان جا بخشيل آقا، اسان گناهگارن جي گناهن کي بخشائڻ وارا مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمّتين تي ڪيتري قدر مهربان آهن جو جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اڳيان بني اسرائيل جي هڪ شخص جو قصو بيان ٿيو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ غمِ اُمّت ۾ بيقرار ٿي ويا ۽ انهيءَ بيقراري جي عالم ۾ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بارگاھ الٰهي ۾ اُمّت جي غم بابت اظهار ڪيو ته  اللہ  پاڪ رسولِ بيمثال،بي بي آمنه جي لال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري اُمت کي شبِ قدر جهڙي مبارڪ نعمت سان سرفراز فرمايو۔

ياد رهي! غمِ اُمّت جو اهو پهريون واقعو ناهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي اُمت سان ايتري محبت آهي جو ڪيئي موقعن تي اُمت جي گناهگارن کي ياد فرمايو، جيئن دنيا ۾ جَلوه اَفروز ٿيندي ئي حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سَجدو فرمايو ۽ مبارڪ لبن تي اها دُعا جاري جئي:رَبِّ ھَبْ لِي اُمَّتِي يعني پَروَردَگار! منهنجي اُمَّت منهنجي حوالي فرماءِ۔ (فتاويٰ رضويه،۳۰/۷۱۲)

امام زُرقاني رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيۡه نَقل فرمائن ٿا: ”ان وَقت پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ