Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي ڪري ٻين تمام اُمّتن تي فضيلت ڏني وئي آهي ۽ انهيءَ سبب کان اها اُمّت تمام اُمّتن ۾ سڀ کان بهترين اُمّت آهي، ثابت ٿيو! هن اُمّت جي بهترين هئڻ جو سبب (Reason) ان جي افراد جو نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ آهي۔ (تفسيرِ خازن،پ ۴،آل عمران،تحت الآية:۱۱۰ ،۱/۲۸۹)

اسان کي پنهنجي باري ۾ غور ڪرڻ گھرجي ته ڇا اسان نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا ۽ بُرائي کان روڪڻ وارا آهيون؟ ياد رهي ته: جيڪڏهن اسان جو گمان غالب هجي ته بُرائي ڪرڻ واري کي بُرائي کان روڪينداسين ته هو بُرائي کان رُڪجي ويندو ته اسان کي روڪڻ واجب آهي، نه روڪنداسين ته گناھگار ٿينداسين۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اللہ  پاڪ جو اِحسان آهي جو دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اسان کي مُيسّر آهي، قربان ٿجي! اميرِ اهلسنّت جي مدني سوچ تي ته جن هڪ اهڙو عظيم الشّان مدني مقصد عطا فرمايو آهي ته جنهن کي ماڻڻ جي لاءِ اسان وٽ "نيڪي جي دعوت" کي عام ڪرڻ جا سوين موقعا آهن، اهو مدني مقصد ڪهڙو آهي، اچو! گڏجي دُهرايون ٿا: "مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي"۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ به ڪيتري پياري تحريڪ ملي آهي جو اها مسجد بڻائو تحريڪ آهي، اها مسجد ڀريو تحريڪ آهي، اها نمازي وڌايو تحريڪ آهي، ڪاش! اسان به ان جو حصو بڻجي عملي طور تي نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن ۾ شامل ٿي وڃون، اهو تمام سٺو آهي ائين جو اسان وڌ کان وڌ نيڪي جي دعوت جي لاءِ پيش ڪريون، پر ڪنهن عُذر جي ڪري جيڪڏهن ائين نه ٿي سگھي ته اسان کي روزانو گھٽ مان گھٽ 2 ڪلاڪ ته مدني ڪمن جي لاءِ، نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪرڻ ئي گھرجن، ڪڏهن ڪڏهن اسان وڏين وڏين مسجدن ۾ جمعي جي ڏينهن ماڻهن جو تمام وڏو تعداد ڏسي خوش ٿي ويندا آهن ته اسان جون مسجدون آباد ٿي ويون آهن، نمازي گھڻا وڌي ويا