Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

لڳا: ”ڪاش! مان حضرت سيدُنا محمدِ مصطفٰي، احمدِ مُجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اصحاب مان هجان ها۔“ ته  اللہ  پاڪ انهن جي رضا جي لاءِ 3 آيتون نازل فرمايون، جيئن سيپارو 9، سُورةُ الاَعراف جي آيت نمبر 144 ۽ 145 ۾ ارشاد آهي:

قَالَ یٰمُوْسٰۤى اِنِّی اصْطَفَیْتُكَ عَلَى النَّاسِ بِرِسٰلٰتِیْ وَ بِكَلَامِیْ ﳲ فَخُذْ مَاۤ اٰتَیْتُكَ وَ كُنْ مِّنَ الشّٰكِرِیْنَ(۱۴۴)وَ كَتَبْنَا لَهٗ فِی الْاَلْوَاحِ مِنْ كُلِّ شَیْءٍ مَّوْعِظَةً وَّ تَفْصِیْلًا لِّكُلِّ شَیْءٍۚ-فَخُذْهَا بِقُوَّةٍ وَّ اْمُرْ قَوْمَكَ یَاْخُذُوْا بِاَحْسَنِهَاؕ-سَاُورِیْكُمْ دَارَ الْفٰسِقِیْنَ(۱۴۵)  (پ 9 الاعراف 144)        ترجموڪنزالايمان: فرمايائِين اي مُوسى مُون توکي ماڻُهن مان چُونڊيو رسالتن ۽ پنهنجي ڪلام سان پوءِ وٺ جيڪِي مُون توکي عطا فرمايو ۽ شُڪر وارن مان ٿِئُ. ۽ اسان اُن جي واسطي تختيُن ۾ لکِي ڇڏِي هر قسم جي نصِيحت ۽ هر شئَ جو تفصِيل ۽ فرمايو اي مُوسى هِن کي مضبُوطِي سان پڪڙ ۽ پنهنجِي قوم کي حُڪم ڏي ته هِن جُون چڱيُون ڳالهيُون اختيار ڪن عنقرِيب مان توهان کي ڏيکارِيندس بي فرمان جو گھر.

سيپارو 9، سُورة الاَعراف جي آيت نمبر 159 ۾ اِرشاد آهي:

وَ مِنْ قَوْمِ مُوْسٰۤى اُمَّةٌ یَّهْدُوْنَ بِالْحَقِّ وَ بِهٖ یَعْدِلُوْنَ(۱۵۹) (پ۹،الاعراف:۱۵۹)    ترجموڪنزالايمان: ۽ مُوسى جِي قوم مان هِڪ جماعت آهي جيڪا حق جِي واٽ ٻڌائي ٿِي ۽ اُنهِئَ سان اِنصاف ڪري ٿِي.

اهو ٻڌي حضرت سيدُنا موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام بلڪل راضي ٿي ويا۔

                                          (اللّٰه والوں کی باتيں، ص ۵۱۶ تا ۵۱۹ ملخصا و ملتقطا)

اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اُمّتِ مُصطفيٰ ۾ پيدا ٿيڻ جي هن نعمت تي  اللہ  پاڪ جو شڪر ادا ڪندي بارگاھ اِلٰهي ۾ عرض ڪن ٿا:

شکر  ادا  ہو کیونکر تیرا پیارے نبی کی اُمّت میں                     مجھ  سے  نکمے  کو  بھی  پیدا  تُو  نے  اے  رحمٰن  کیا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! اُمّتِ مُصطفيٰ کي ربِّ ڪريم ٻه چار يا پنج نه بلڪه بيشمار فضيلتن ۽ برڪتن ۽ ڪيئي خُصوصيتن سان نوازيو آهي، اهو تورات