Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat

ڪم کي ڪنداسين۔

حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: ”اي منهنجا پروردگار! ان کي منهنجي اُمَّت بڻاءِ۔  اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: اي موسيٰ! اها اَحمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمَّت آهي۔ حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي ربّ ڪريم! مون تورات ۾ اهڙي اُمَّت جو تذڪرو ڏٺو، جن جون دُعائون قبول ٿينديون ۽ انهن جي حق ۾ دعائون قبول ڪيون وينديون، انهن جي سفارش قبول ٿيندي ۽ انهن جي حق ۾ سفارش قبول ڪئي ويندي۔ اهو چئي حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: الٰهي! انهن کي منهنجي اُمّت بڻائي ڇڏ۔  اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: اي موسٰي! اها احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت آهي۔

حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي ربّ ڪريم! مون تورات ۾ اهڙي اُمّت جو ذڪر ڏٺو آهي جيڪي بلندي تي چڙھندا ته  اللہ  پاڪ جي وڏائي بيان ڪندا ۽ جڏهن ڪنهن وادي ۾ لهندا ته  اللہ  پاڪ جي حمد ۽ ساراھ بيان ڪندا، انهن جي لاءِ سڄي زمين پاڪ هوندي ۽ اهي جتي به هوندا، سڄي زمين انهن جي لاءِ نماز قابل هوندي، اها ناپاڪي کان پاڪي حاصل ڪندا، جتي پاڻي (Water) نه ملندو اتي مٽي سان پاڪي حاصل ڪرڻ، انهن جي لاءِ ائين هوندو جيئن پاڻي سان ۽ بروزِ قيامت وضو جي اثر سان انهن جي وضو وارا عضوا چمڪندا هوندا۔ اهو چئي حضرت سيدُنا موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي منهنجا پروردگار! تون انهن کي منهنجي اُمَّت بڻاءِ۔  اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: اي موسٰي! اها احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمَّت آهي۔ حضرت سيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: ”اي ربّ ڪريم! مون (تورات ۾) اهڙي اُمّت جو ذڪر ڏٺو آهي جو جڏهن اهي ڪو نيڪ ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندا ته انهن جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي ۽ جڏهن اهي نيڪي ڪندا ته انهن جي نيڪي کي 10 کان 700 ڀيرا تائين وڌايو

 ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن گناھ جو ارادو ڪندا ته انهن جي لاءِ ڪجھ نه لکيو ويندو ۽ جيڪڏهن گناھ جو اِرتڪاب ڪندا ته انهن جي لاءِ صرف اهو ئي گناھ لکيو