Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

الله ڪري! دِلجمعي سان اسان اوّل کان آخر سٺين سٺين نيتن سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔   اٰمِين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صابِره خاتون

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”عيونُ الحڪايات“ جلد 2 جي صفحي 179 تي لکيل آهي ته حضرت سيدُنا اَصمَعِي
رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان پنهنجي هڪ دوست سان گڏ سفر تي هئس، جهنگ مان گذرندي اسان کان رستو وسري ويو، ڪجھ پري هڪ خيمو (Tent) نظر آيو ته ان پاسي وياسين، اتي پهچي وڏي آواز سان سلام ڪيوسين، ته هڪ عورت خيمي مان ٻاهر نڪتي ۽ اسان جي سلام جو جواب ڏيندي پڇيائين: توهان ڪير آهيو؟ اسان چيوسين: اسان راھ ڀٽڪي پيا آهيون، خيمو ڏٺوسين ته ان پاسي هليا آياسين۔ عورت چيائين: توهان ڪجھ دير هتي ترسو ايستائين جو مان توهان جو حق پورو ڪيان، جنهن جا توهان حق دار آهيو۔ اسان اتي ئي بيٺا رهياسين۔ ان پنهنجي چادر لاهي وڇائي ۽ پاڻ پردي جي آڙ ۾ رهي چوڻ لڳي: هن چادر تي ويهي رهو، منهنجو پٽ هينئر ايندو هوندو پوءِ توهان جي مهماني جو اهتمام ڪيو ويندو۔ اسان چادر تي ويهي رهياسين ته ڪجھ پري هڪ سوار ايندي نظر آيو ته چيائين: هي اُٺ ته منهنجي پٽ جو آهي پر ان تي سوار ٿيڻ وارو منهنجي پٽ جي علاوه ٻيو ڪو آهي۔ ڪجھ ئي دير کان بعد سوار خيمي وٽ پهچي ويو،  ۽ ان عورت کي چيائين: اي اُمِّ عقيل! الله ڪريم تنهنجي پٽ جي معاملي ۾ توکي عظيم اجر عطا فرمائي۔ اهو ٻڌي ان عورت چيائين: تنهجو ڀلو ٿئي ڇا منهنجو پٽ مري ويو؟ جواب ڏنائين: ها۔ پڇيائين: ان جي موت جو سبب ڇا بڻيو؟ چيائين: هو اُٺن جي وچ ۾ ڦاسي پيو اُٺن ان کي کوھ ۾ ڌڪي ڇڏيو، جنهن سبب ان جو موت ٿي ويو۔ پٽ جي موت