Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

مصيبت چاهي وڏي هجي يا ننڍي، اسان کي گھرجي ته اسان صبر جو دامن مضبوطي سان پڪڙيون ۽ اهڙا طريقا اختيار ڪريون، جن جي برڪت سان بي صبري کان اسان جي جان ڇٽي پوي، اسان مصيبتن جو مقابلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ۽ اسان جو شمار به مصيبت تي صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن خوش نصيبن ۾ ٿيڻ لڳي۔ مصيبتن تي صبر جو ذهن بنائڻ جي لاءِ ڪجھ طريقا پيشِ خدمت آهن، اچو! انهن کي توجھ سان ٻڌي ان تي عمل جي نيت ڪريون ٿا:

مصيبتن تي صبر جو ذهن بڻائڻ جا 7 طريقا

٭ جڏهن به ڪا مصيبت ۽ پريشاني اچي، اسان کي گھٻرائي ربِّ ڪريم جي بارگاھ بي ڪس پناھ ۾ رُجوع ڪري ڪثرت سان توبه ۽ اِستِغفار ڪرڻ گھرجي۔ زَبان ته زَبان دل ۾ به اهڙي ڳالھ نه آڻڻ گھرجي ته مون ته ڪنهن کي ڪو نقصان ناهي پهچايو، مان ته سڀني سان چڱائي ڪيان ٿو ته آخِر ”ڪهڙي خطا مون سان اهڙي ٿي آهي جنهن جي مون کي سزا مل رهي آهي!“ اهڙي ناداني ڀريون ڳالهيون سوچڻ بدران عاجِزي ڀريو مَدَني ذِهن بڻائڻ گھرجي، پنهنجو پاڻ کي سڄو خطا تصوُّر ڪندي، هر حال ۾ الله ڪريم جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ته مان ته سخت گنهگار هئڻ سبب شديد عذاب جو حقدار آهيان، مون تي آيل مصيبت جيڪڏهن منهنجي گناهن جي سزا آهي ته مان تمام گھٽ ۾ ڇٽي رهيو آهيان، نه ته دنيا جي بدران آخِرت ۾ جهنَّم جي سزا ملي ته مان ڪٿي جو نه رهندس۔

 

میرے اعمال کا بدلہ تو جہنَّم ہی تھا                            میں تو جاتا مجھے سرکار نے جانے نہ دیا

٭ رحمتِ عالم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان تي ٿيندڙ ظلمن ۽ آزمائشن کي ياد ڪرڻ به مصيبتن تي صبر جو ذهن بنائڻ ۾ بيحد مفيد آهي۔رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن صحابين کي