Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

جي ڇنڊن کان نه بچڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا رِياڪاري ڪري پنهنجي نيڪ عملن کي ضائع ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا ماڻهن جي پوشيده ڳالهيون ٻڌڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا عورت جو مڙس جي نافرماني ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا پنهنجي رِشتيدارن سان قطعِ رحمي (بِلاعذرِ شرعي تعلقات ختم) ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا چُغلي جي ذريعي محبتن کي چُرائڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا نوحه ڪرڻ (يعني ڪنهن جي مرڻ تي روڄ راڙو ڪري ڪپڙا ڦاڙڻ وار پٽڻ، سينو پِٽڻ ۽ ناشڪري جا جملا زبان تي آڻڻ) ڪو گناھ ناهي؟ ڇا مُسلمان کي بِلاعذرِ شرعي اذيت ڏيڻ ۽ بُرو ڀلو چوڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا اولياءُ الله کي اذيت ڏيڻ ۽ انهن سان دُشمني رکڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا مرد جو ريشمي لباس پائڻ، سون (Gold) اِستعمال ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ مَعَاذَالله ڇا صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان جي باري ۾ زبان درازي ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا ڪنهن مسلمان جي باري ۾ ڪينو (يعني دل ۾ دُشمني لڪائي) رکڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان بي خوف ٿيڻ ڪو گناھ ناهي؟ ڇا جُوا جي ذريعي ڪنهن جي مال تي قبضو ڪرڻ ڪو گناھ ناهي؟۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هتي صرف ڪجھ گناهن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي، ان جي علاوه ٻيا خبر ناهي ڪيترا گناھ ٿيندا هوندا، پوءِ به اسان چئون "ته آخر" مون کان اهڙو ڪهڙو گناھ ٿيو آهي جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي۔!اَلْاَمَان وَالْحَفِيظ۔الله پاڪ اسان جي حالتِ زار تي ڪرم فرمائي، اٰمين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مصيبتن تي صبر جو ذهن ڪيئن بڻجي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! شڪوه شڪايتون ڪرڻ ۽ بي صبري ڪرڻ سان مصيبت ته ٽري نه ٿي، اُلٽو صَبر جي ذَرِيعي هٿ اچڻ وارو عظيمُ الشّان ثواب ضائِع ٿي ويندو آهي جيڪو بذاتِ خود هڪ تمام وڏي مصيبت آهي۔ لهٰذا