Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

اچو! ترغيب جي لاءِ اميرِاَهلسُنّت جي مايه ناز تصنيف”فيضانِ سنت“جلد اول جي صفحي نمبر 386 تان هڪ فڪر انگيز حڪايت ٻڌو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مدني گل چونڊي پنهنجي دل جي مدني گلدستي ۾ سجائڻ جي ڪوشش ڪريو، جيئن

عجيب و غريب مريض

حضرت سيّدُنا يونُس عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام حضرتِ سيّدُنا جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کي فرمايو مان روءِ زمين جي سڀ کان وڏي عبادت گذار کي ڏسڻ چاهيان ٿو. حضرتِ سيّدُنا جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کين هڪ اهڙي شخص وٽ وٺي ويا، جنهن جا هٿ پير ڪوڙهه جي سبب ڳري سڙي جدا ٿي چُڪا هئا ۽ هو زبان سان چئي رهيو، ”اي الله پاڪ! تون جيستائين چاهيو انهن عضون مان مون کي فائدو بخشيو ۽ جڏهن چاهيو واپس ورتا ۽ منهنجي اميد صرف پنهنجي ذات ۾ باقي رکي، اي مون کي پيدا ڪرڻ وارا! منهنجو ته مقصود صرف تون ئي تون آهين.“ حضرتِ سيّدُنا يونُس عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام فرمايو، اي جبريل امين! مان توهان کي نمازي ۽ روزيدار شخص ڏيکارڻ لاءِ چيو هو،

حضرتِ سيّدُنا جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام وراڻيو، هن مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ کان اڳ هي اهڙو ئي هو، هاڻي مون کي هي حڪم مليو آهي ته هن جي اکين جي روشني به ختم ڪريان، پوءِ حضرتِ سيّدُنا جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام اشارو ڪيو ۽ ان جون اکيون نڪري پيون، پر عابد زبان سان اها ئي ڳالهه چئي، ”اي رب ڪريم جيستائين تو چاهيو هنن اکين مان مون کي فائدو بخشيو ۽ جڏهن چاهيئي واپس ورتئي، اي خالق! منهنجي اميد گاهه صرف پنهنجي ذات کي رکيئي، منهنجو مقصود ته بس تون ئي تون آهين.“ حضرتِ سيّدُنا جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام عابد کي فرمايو، اچ اسان ۽ تون گڏجي دعا گهرون ته الله تعاليٰ توکي وري اکيون ۽ هٿ پير موٽائي ڏي ۽ تون اڳي وانگر عبادت ڪرڻ لڳين، عابد چيو ته هرگز نه. حضرتِ سيّدُنا جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام فرمايو، آخر ڇو نه؟ عابد