Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

٭ مُصيبت اچڻ تي دل کي الله پاڪ کان ڊڄارڻ، صَبر تي استِقامت ۽ غَلَط قدم کڻڻ کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ توبه و استِغفار ڪندي اهو، ذِهن بڻايو ته مون تي جيڪا مُصيبت نازِل ٿي آهي اها منهنجي بُرن عملن جو نتيجو آهي، جيئن ته سيپارو 25 سورة الشُّوريٰ جي آيت نمبر 30 ۾ ربِّ ڪريم ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مَاۤ اَصَابَكُمْ مِّنْ مُّصِیْبَةٍ فَبِمَا كَسَبَتْ اَیْدِیْكُمْ وَ یَعْفُوْا عَنْ كَثِیْرٍؕ(۳۰) (پ۲۵، الشوري:۳۰)

ترجموڪنز الايمان: ۽ توهان کي جيڪا مصيبت پهتي اهو ان جي سبب آهي جيڪو توهان جي هٿن ڪمايو ۽ اهو گهڻو ڪجهه ته معاف فرمائيندو آهي .

هن آيت سڳوري تَحت حضرت صدرُالاَ فاضِل حضرت علامه مولانا سيد مفتي محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: اهو خِطاب (اُنهن) مُڪلَّف مومنن (يعني عاقِل بالغ مسلمانن) سان آهي، جن کان گناھ ٿيا آهن، مُراد هي آهي ته دنيا ۾ جيڪي تڪليفون ۽ مصيبتون مؤمنن کي پهچنديون آهن، اڪثر انهن جو سبب انهن جا گناھ هوندا آهن، انهن تڪليفن کي الله پاڪ انهن جي گناهن جو ڪفارو ڪندو آهي ۽ ڪڏهن مومِن جي تڪليف ان جي رَفعِ دَرَجات (يعني دَرَجات جي بلندي) جي لاءِ هوندي آهي۔

یہ تِرا جسم جو بیمار ہے تشویش نہ کر                             یہ مَرَض تیرے گناہوں کو مِٹا جاتا ہے

٭ مصيبت تي صبر ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جو هڪ طريقو هي به آهي ته اسان وقت بوقت مڪتبة المدينه تان جاري ڪيل اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ۽ اَلمَدِينَة العِلمِيه جي ڪتابن ۽ رسالن کي پنهنجي مطالعي ۾ رکون يا ڪنهن جي ذريعي ٻڌندا رهون، ڇوته انهن ڪتابن ۽ رسالن ۾ مصيبت تي صبر جي باري ۾ ڪيئي حديثون، سبق آموز حڪايتون، الله وارن جا ارشادات ۽ نصيحت آموز واقعا موجود آهن۔