Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

هن آيت سڳوري تَحت صدرُ الاَفاضِل حضرت علامه مولانا مفتي سيد محمد نعيم الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: اها آيت غَزوَه اَحزاب جي باري ۾ نازِل ٿي هئي، جتي مسلمانن کي سيء ۽ بک وغيره جون سخت تڪليفون پهتيون هيون۔ ان ۾ انهن کي صَبر جي تلقين ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته راھِ خدا ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ عرصي کان خاصانِ خدا رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡهم اَجْمَعِين جو معمول رهيو آهي، اڃا ته توهان کي اڳ وارن جھڙيون تڪليفون مليون به نه آهن۔

مَجلِس مڪتبة المدينه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ ڪم و بيش 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصرُوف آهي، جن مان هڪ شعبو ”مَجلِس مڪتبة المدينه“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه تان جتي سُنّتن ڀريا بَيان ۽ ميموري ڪارڊ سڄي دُنيا ۾ پهچي رهيا آهن، اتي سَرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه، اَميرِاَهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ۽ اَلمَدِينَة العِلمِية جا ڪتاب به لکن جي تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچي سُنَّتن جا مدني گل مهڪائي رهيا آهن۔ مڪتبة المدينه جا هينئر تائين ڪم وبيش45 ذيلي شعبا قائم ٿي چڪا آهن۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ فيضانِ اميرِ اهلسنّت جي برڪت سان "مَڪتبة المَدينه اَلعَرَبِيه" به قائم ٿي چڪو آهي، جتان نهايت مناسب قِيمتن ۾ عربي ڪتاب حاصل ڪري سگھجن ٿا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

شُڪر جي باري ۾ مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي اچو! شڪر جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه ڪريو: