Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

وراڻيو، ”جڏهن منهنجي رب عَزَّوَجَلَّ جي رضا انهيءَ ۾ ئي آهي ته مونکي صحت نه گهرجي“. حضرتِ سيدُنا يونس عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام فرمايو، واقعي مون ڪنهن ٻئي کي هن کان وڌيڪ عابد ناهي ڏٺو، حضرت سيّدُنا جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام چيو هي اهو رستو آهي جو رضاءِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ تائين پهچڻ جي لاءِ هن کان بهتر ٻي ڪا راهه ناهي ـ

 (رُوضُ الرِياحين،الحڪاية السادسة والثلاثون بعد الثلاث مئة،ص۲۸۱)

جے سوہنا مِرے دُکھ وِچ راضی                                  میں  سکھ  نُوں   چُلّھے  پاواں

(يعني منهنجو محبوب جڏهن ته منهنجي ڏکويل هئڻ تي خوش آهي ته پوءِ مان سُک چين کي چلھ ۾ اڇلايان ٿو. )

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! صابر هجي ته اهڙو! آخر ڪهڙي اهڙي مصيبت هئي جيڪا ان بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وجود ۾ نه هئي، ايتري تائين جو آخرڪار اکين جي روشني به هلي وئي، پر سندن صبر ۽ تحمل ۾ ذري برابر فرق نه آيو، هو الله پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ واري ان عظيم منزل تي فائز هئا جو الله پاڪ کان شفا طلب ڪرڻ جي لاءِ به تيار نه هئا جو جڏهن الله پاڪ بيمار ڪرڻ منظور فرمائي ڇڏيو آهي ته مان تندرست ٿيڻ نه ٿو چاهيان. سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! هي سندن جو حصو هو، اهڙن ئي الله وارن جو قول آهي نَحْنُ نَفْرَحُ بِالْبَلَاءِ كَمَا يَفْرَحُ اَهْلُ الدُّنْيَا بِالنِّعَمِ  يعني: ”اسان آفتن ۽ مصيبتن جي ملڻ تي ائين خوش ٿيندا آهيون جيئن دنيا وارا دنياوي نعمتون هٿ اچڻ تي خوش ٿيندا آهن“.

ياد رهي! ته مصيبت اڪثر ڪري مومِن جي حق ۾ رحمت ئي هوندي آهي، لهٰذا جيڪڏهن اسان مصيبت تي صَبر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته بروزِ قِيامت ان جي اهڙي عظيمُ الشّان ثواب جا حق دار ٿي وينداسين جنهن کي ڏسي ماڻهو رشڪ ڪندا۔ جيئن

عافِيت وارا تمنّا ڪندا!

نبي ڪريم،رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ ذيشان آهي: جڏهن