Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

زَخم ۾ سور نه پيو ٿئي؟ فرمايائون: صَبر جي بدلي ملڻ واري ثواب جي خوشي ۾ مون کي چوٽ جي تڪليف جو خيال ئي نه اچي سگھيو۔(ڪيميائے سعادت،رڪن چهارم،منجيات، ۲/۷۸۲)

پٽ جي موت تي مُرڪڻ

سِلسِلَه عَالِيه چِشتِيه جي عظيم پيشوا حضرت سَيدُنا فُضَيل بِن عِياض
رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه کي ڪڏهن ڪنهن مرڪندي نه ڏٺو هو، پر جنهن ڏينهن سندن شهزادي حضرت سَيدُنا علي بِن فُضَيل رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جو انتقال ٿيو ته پاڻ مُرڪڻ لڳا، ماڻهن عرض ڪيو: اهو خوشي جو ڪهڙو موقعو آهي، جو اوهان مرڪي رهيا آهيو؟ فرمايائون: مان الله پاڪ جي رِضا تي راضي ٿي مرڪي رهيو آهيان ڇوته الله پاڪ جي رِضا ئي جي سبب منهنجي پٽ کي قضا آئي آهي، ربِّ ڪريم جي پسند منهنجي پسند۔(تذڪرة الاولياء،۱/ ۸۶ -۸۷ملخصا)

مان خوش ٿيان يا غمگين

حضرت مُطَرِّف رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جو پٽ فوت ٿي ويو۔ ماڻهن انهن کي گھڻو خوش ڏسي چيائون ته ڇا ڳالھ آهي جو اوهان غمزده ٿيڻ بدران خوش نظر اچي رهيا آهيو۔ فرمايائون: جڏهن مون کي هن صدمي (Shock) تي صبر جي ڪري الله پاڪ جي طرفان دُرُود و رحمت ۽ هدايت جي بشارت آهي ته مان خوش ٿيان يا غمگين؟(مختصرمنهاج القاصدين، ڪتاب الصبر والشڪر، فصل في آداب الصبر، ص۳۲۲)

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته! مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻ بعد الله وارن جو مصيبتن تي صبر جو انداز به ڪهڙو نرالو هوندو آهي، جو وڏي کان وڏي مصيبت اچڻ تي به غمگين ۽ پريشان ٿيڻ بدران ربِّ ڪريم جي رضا تي راضي رهندي ۽ انهن لمحن ۾ به ائين ئي خوش رهندا جيئن اسان عام ماڻهو نعمتون ملڻ تي خوش ٿيندا آهيون۔ بيان ڪيل واقعن ۾ خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ نصيحت جا مدني گل موجود آهن جيڪي اهو شڪوو ڪندي نظر ايندا آهن ته اسان ته وڏي عرصي کان فُلاڻي پريشاني يا بيماري ۾ مبُتلا آهيون، ان کان نجات جي لاءِ ٻاڏائي دُعائون ڪندا آهيون، ورد وظيفا به پڙھندا