Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭  نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭  ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭  ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭  ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭  صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله ، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭  بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان جو ”مصيبتن تي صبر جو ذهن ڪيئن بڻجي“ هن موضوع بابت ٻڌنداسين، حديث سڳورين ۾ مصيبتن تي صبر ڪرڻ جي ترغيبات، مصيبتن تي صبر ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ جي باري ۾ بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡهم اجمعين جو ڪيتري قدر زبردست مدني ذهن بڻيل هو، ان جون به ڪجھ جھلڪيون اسان ملاحظه ڪنداسين، مصيبت جي وقت بي صبري جا ڪجھ مثال (Examples) پڻ بيان ٿيندا، مصيبتن تي صبر جو ذهن بڻائڻ جا 7 طريقا پڻ بيان ڪيا ويندا۔