Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

جي خبر ٻڌي اها صابره خاتون نه رُني ۽ نه ئي ڪنهن قسم جو روڄ راڙو ڪيائين بلڪ ان اُٺ واري کي چيايئن: هيٺ لهو اسان وٽ ڪجھ مهمان آيا آهن، انهن جي مهمان نوازي جو اهتمام ڪريو، اهو سامهون گھٽو(دنبو) ٻڌل آهي، ان کي ذبح ڪري مهمانن کي پيش ڪريو، پوءِ گھٽو ذبح ڪيو ويو ۽ ان جي گوشت سان اسان جي دعوت ڪئي وئي۔ اسان کاڌو کائيندي سوچي رهيا هئاسين ته اها عورت ڪيڏي صبر واري آهي جو جوان پٽ جي موت تي ڪنهن طرح جو غير شرعي ڪم نه ڪيائين ۽ نه ئي ڪنهن قسم جو شور شرابو ڪيائين۔ جڏهن اسان کاڌو کائي ورتو ته صابره خاتون چيائين: توهان مان ڪو شخص مون کي الله پاڪ جي ڪتاب مان ڪجھ آيتون ٻڌائي مون تي احسان ڪندو؟ مون چيو: ها! مان توهان کي قرآني آيتون ٻڌايان ٿو۔ صابره خاتون چيو: مون کي ڪجھ اهڙيون آيتون ٻڌاءِ جن سان صبر ۽ شڪر جي دولت نصيب ٿئي۔ مون سوره بقره جي آيت نمبر 155 ۽ 156 جي تلاوت ڪئي:

وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیْنَۙ(۱۵۵) الَّذِیْنَ اِذَاۤ اَصَابَتْهُمْ مُّصِیْبَةٌۙ-قَالُوْۤا اِنَّا لِلّٰهِ وَ اِنَّاۤ اِلَیْهِ رٰجِعُوْنَؕ(۱۵۶) (پ۲،البقرة:۱۵۵،۱۵۶)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ خُوشخبرِي ٻُڌاءِ صبُر وارن کي. جو جڏھن اُنهن تي ڪا مُصِيبت پوي ته چون اسان الله جِي مِلڪ آھيُون ۽ اسان کي اُن جي طرف موٽڻو آھي.

خاتون اهي قراني آيتون ٻڌي چيائين: جيڪو توهان پڙھيو، ڇا قرآن ۾ بلڪل هن طرح آهي؟ مون چيو: ها! الله پاڪ جو قسم! قرآن ۾ اهڙي طرح آهي۔ صابِره خاتون چيائين: توهان تي سلامتي هجي، الله پاڪ توهان کي خوش رکي۔ پوءِ ان نماز پڙھي ۽ چيائين: اِنَّا لِلّٰهِ وَ اِنَّاۤ اِلَیْهِ رٰجِعُوْنَؕ(۱۵۶) بيشڪ منهنجو پٽ عقيل، الله ڪريم جي بارگاھ ۾ پهچي ويو هوندو، ٽي (3) ڀيرا ان اهي ئي جملا چيا، پوءِ هن نموني درخواست گذار ٿي: اي منهنجا پاڪ پروردگار! جيئن تو حڪم ڏنو مون ائين ئي ڪيو، هاڻ تُون به پنهنجي هن وعدي کي پورو فرمائي جيڪو تو ڪيو آهي، بيشڪ تون واعدي خلافي ناهين ڪندو۔ (عيون الحڪايات،ص ۳۰۳)