Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

ڏُکي وئي ته بي صبري، ٭  ڪنهن سبب تنظيمي ذمه داري واپس ورتي وئي يا ڪنهن ٻئي شعبي ۾ تبادلو ٿي ويو ته بي صبري، ٭  مدني قافلي ۾ سفر دوران آزمائش اچي وئي ته بي صبري ٭  پاڙي واري جي طرفان ڪا تڪليف پهچي ته بي صبري، الغرض زندگي جي ڪم و بيش هر شعبي سان تَعَلُّق رکڻ وارن کي بي صبري جي بُري آفت پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي رکيو آهي۔

ياد رکو! مصيبتون، پريشانيون ۽ بيماريون اسان جي زندگي جو حصو آهن، لهٰذا انهن تي گھٻرائڻ، دانهون ڪرڻ، شڪوه شڪايتون ڪرڻ ۽ بِلا ضرورت ڪنهن تي اِظهار ڪرڻ هرگز عقلمندن جو طريقو ناهي، اهڙن موقعن تي الله پاڪ جي رضا تي راضي رهندي، صبر جو دامن مضبوطي سان پڪڙي ان جي بدلي ۾ ملڻ واري فضيلتن ۽ ثواب تي نظر رکڻ گھرجي، اهو ئي الله وارن جو هميشه کان طريقو رهيو آهي، جيئن ته

هڪ ڀيري اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جن ارشاد فرمايو: جڏهن مان ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو آهيان ان وقت به مون تي الله پاڪ جي انهن چار نعمتن جو نزول ٿيندو آهي: (1) ان مصيبت جي سبب في الوقت مان گناھ ۾ مبتلا نه ٿيندو آهيان۔ (2) ان مصيبت جي وقت مون تي ان کان وڏي ڪا مصيبت نازل ناهي ٿيندي۔ (3) ان مصيبت جي وقت مان ان تي راضي ٿيندو آهيان۔ (4) ان مصيبت جي وقت مون کي ان تي ثواب جي اُميد هوندي آهي۔ (فيض القدير، حرف الھمزة،۲/۱۶۹،تحت الحديث: ۱۵۰۶)

ان جي علاوه حديث سڳورين ۾ به مصيبتن، پريشانين ۽ بيمارين تي صبر جي فضيلتن کي بيان ڪيو ويو آهي۔ اچو! صبر جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ 4 يارن جي نسبت سان 4 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو، جيئن

مصيبتن تي صبر جي فضيلتن تي مشتمل 4 فرمانِ مُصطَفٰي

٭ ارشاد فرمايائون: الله پاڪ جنهن سان ڀلائي جو ارادو ڪندو آهي ان کي مصيبت ۾ مبتلا ڪندو آهي. (بخاري، ڪتاب المرضي ،با ب ماجاء في ڪفارة المرض، رقم: ۵۶۴۵ ،۴ / ۴)