Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!آئنده هفتيوار اِجتماع جي بيان”مقامِ صحابه و اَهلِ بيت“ ۾ اسان صحابَه ڪرام ۽ اهلِ بيتِ اَطهار عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مقام ۽ مرتبي ۽ انهن جي شان و عظمت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي شان بابت قرآنِ پاڪ جي آيت ۽ ڪجھ حديث سڳوريون به بيان ڪيون وينديون۔ اهلِ بيتِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان محبت جي اهميت ۽ ان جي باري ۾ حديث مبارڪه پڻ ٻڌنداسين۔ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي اهلِ بيتِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان محبت جا ڪجھ واقعا به بيان ٿيندا۔ آخر ۾ نواسه رسول، جگر گوشه بتول،حضرت سيدنا امامِ حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جو مختصر تعارف به اسان ٻڌنداسين۔

لهٰذا آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچو بلڪه اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو۔ هراسلامي ڀاءُ جيڪڏهن روزانو گھٽ مان گھٽ 2 اسلامي ڀائرن کي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏي ته ائين ڪيئي عاشقانِ رسول هفتيوار اِجتماع ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪري سگھن ٿا.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد