Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

بروزِ قِيامت مصيبت وارن (يعني بيمارن ۽ آفت وارن) کي ثواب عطا ڪيو ويندو ته عافِيت وارا تمنّا ڪندا ته ڪاش! دُنيا ۾ اسان جون کلون قَينچين سان ڪٽيون وڃن ها۔ (ترمذي،ڪتاب الزھد،۴ /۱۸۰،حديث: ۲۴۱۰) يعني تمنّا ۽ آرزو (Wish) ڪندا ته اسان تي دنيا ۾ اهڙيون بيماريون اچن ها، جن ۾ آپريشن جي ذَرِيعي اسان جون کلون ڪٽيون وڃن ها ته جيئن اسان کي به اهو ثواب اڄ ملي ها جيڪو ٻين بيمارن ۽ آفت زدن کي ملي رهيو آهي۔     (مرآة المناجيح،۲/۴۲۴)

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! بيمار ۽ آفت زده ماڻهو ڪيتري قدر خوش نصيب آهن جو انهن جي ثواب کي ڏسي بروزِ قيامت عافيت وارا به رشڪ ڪندا، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان به بيمارين (Diseases) ۽ آفتن ۽ مصيبتن تي صبر ڪرڻ جي عادت بڻائي آخرت جي ثواب جي حقدارن ۾ شامل ٿي وڃون۔ بيمارين ۽ مصيبتن تي صبر جو ذهن ماڻڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ لڳي وڃڻ به آهي، 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ موڪل واري ڏينهن شهر جي ڪمزور ۽ قريبي علائقن ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مسجدن کي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي عاشقان رسول کي نيڪي جي دعوت ڏئي علم دين سکڻ سيکارڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي ٭  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ يوْمِ تَعطِيل اِعتِـڪاف اسلامي ڀائرن کي سُنّتون، آداب ۽ مَدَني دَرس وغيره جو طريقو سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي٭  يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِدون آباد ٿين ٿيون  ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجد ۾ گذرندڙ هر هر لَمحو عِبادَت ۾ شُمار ٿيندو  ٭ يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو گھڻي کان گھڻو وَقت گُذارڻ جي فضيلت حاصل ٿيندي۔

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پنهنجو گھڻو وَقت مسجد ۾ گذارڻ جي به ڇا خوب فضيلت آهي