Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نُـبُوّت صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن شخص ڪي ڏسو ته هو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رکڻ وارو آهي ته ان جي اِيمان جي گواهي ڏيو ڇوته الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 10،سُورَةالتَّوْبَه آيت نمبر 18 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ (پ ۱۰ ،التوبه :۱۸)

 ترجموڪنز الايمان: الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رکن ۽ نماز قائم ڪندا آهِن ۽ زڪوات ڏيندا آهِن

(ترمذي ، ڪتاب الايمان ، با ب ماجا ء في حرمۃ الصلوۃ ،۴/۲۸۰،رقم: ۲۶۲۶)

الله پاڪ اسان کي به 12مدني ڪمن جي ذريعي دعوتِ اسلامي جو مدني ڪم وڌ کان وڌ ڪرڻ، مسجدون آباد ڪرڻ، نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔ اچو! ترغيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهڻ جي نيت ڪريو، جيئن

وفات وقٿ ڪلمي شريف جو ورد

زم زم نگر (حيدرآباد باب الاسلام سندھ) جي هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مُشڪبار مَدَني ماحول سان وابسته هو ۽ اميرِاهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مُريد هو۔ 29 رَمَضان المبارڪ 1425ھ جو ريلوي ورڪشاپ جي ڊيوٽي تان گھر واپس موٽيو، ڪجھ دير آرام ڪرڻ کان بعد جڏهن ظهر جي لاءِ وُضو ڪرڻ لاءِ بيٺو ته ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو۔ هوش آيو ته وڏي آواز سان ڪلمو شريف پڙهڻ لڳو۔ رات جو تقريبَا 10:00 بجي ٻيھر بيهوش ٿي ويو ۽ وات مان رت جاري ٿي ويو۔ عيدُالفطر جي صبح طبيعت وري خراب ٿي وئي۔ هاڻ ڊاڪٽرن خدشو ظاهر ڪيو ته ان کي ”هيپاٽائٽس C“ آهي۔ اهو اسلامي ڀاءُ ٻه ڏينهن اسپتال ۾ رهيو۔ ان دوران ان جي زبان تي ڪلمو شريف لَآاِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّد رَّسُوْلُ الله ۽ دُرُود شريف جاري رهيو۔ ٽيسٽ دوران به اهو اسلامي ڀاءُ مسلسل ڪلمي