Book Name:Musibaton Pr Sabr ka Zehen kese Bane

آزمائش زحمت ناهي رحمت آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو! مصيبتن ۽ آزمائشن جو اچڻ زحمت جو سبب ناهي بلڪ رحمت ۽ سعادت جو سبب آهي، مصيبت ۾ مبتلا شخص کان الله پاڪ ڀلائي جو ارادو ڪندو آهي، مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ واري جا گناھ بخشيا ويندا آهن، آزمائش ۾ مبتلا شخص کي الله پاڪ بي حساب عطا ڪندو آهي ۽ مصيبت لڪائڻ واري کي بارگاھ الٰهي مان بخشش جو پروانو عطا ٿيڻ جي خوشخبري آهي۔ مصيبتن تي صبر جون ايتريون فضيلتون ٻڌي ته اسان کي ذهن بنائڻ گھرجي ته چاهي ڪيتريون ئي مصيبتون اچن، آزمائشن جا طُوفان اسان کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪن، پريشانين جو سيلاب اچي وڃي ۽ بيماريون هر پاسي کان وڪوڙي وٺن تڏهن به شڪايت ڀريو اکر زبان تي هرگز نه اچي بلڪ انهن تي صبر ڪري ان جي بدلي ۾ ملڻ واري ثواب جي تصور ۾ ائين گم ٿي وڃون جو تڪليف جو احساس تائين باقي نه رهي۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي مبارڪ سيرت مان به اسان کي اهي ئي مدني گل ملن ٿا ته جڏهن انهن تي ڪا مُصيبت ايندي هئي ته اهي نيڪ ٻانها ان تي صبر جي بدلي ملڻ واري ثواب جي تصوُّر ۾ اهڙا گُم ٿي ويندا هئا جو انهن کي تڪليف جو احساس تائين نه رهندو هو۔ بلڪ الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها مصيبتن جي اچڻ تي خوش ٿيندا هئا۔ اچو! ترغيب خاطر 3 ايمان افروز واقعا ملاحظه ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ کي صبر ۽ رضا جو پيڪر بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو ـ

زخمي ٿيندي ئي مرڪڻ

منقول آهي،حضرت سيدُنا فتح مَوصِلي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي گھرواري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡها هڪ ڀيري زور سان ڪري پيون، جنهن سبب ننهن (Nail) ٽُٽي پيو، پر دَرد سان تڙپڻ ۽ ”هاءِ“، ”آه“وغيره ڪرڻ بدران اهي کلڻ لڳيون! ڪنهن پڇا ڪئي: ڇا