Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

پنهنجي گھر جي صحن ۾ هڪ مسجد ٺاهي هئي، جتي پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه قرآنِ پاڪ جي تلاوت ۽ نماز پڙھندا هئا، ماڻهو اهو پرڪيف منظر ڏسي سندن جي چوڌاري گڏ ٿي ويندا هئا، سندن جي تلاوتِ قرآن، عبادت و رياضت ۽ خوفِ خدا ۾ روئڻ ماڻهن کي تمام گھڻو متاثر ڪندو هو، سندن هن عمل سبب ڪيئي ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيا۔               (الرياض النضرۃ، ۱/۹۲)

صحابه ڪرام جو اندازِ تلاوت

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: (اميرالمومنين) حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هڪ رات ۾ ختمِ قرآن ڪندا هئا۔ حضرت سَيدُنا داؤد عَلَيه السَّلَام ڪجھ منٽن ۾ زبور ختم ڪندا هئا۔ (مرآۃالمناجيح ،۳/۲۷۰) حضرت سَيدُنا علي المرتضيٰرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه گھوڙي تي سوار ٿيڻ مهل هڪ پير رِڪاب ۾ رکندا هئا ۽ قرآنِ مجيد شروع ڪندا هئا ۽ ٻيو پير رِڪاب ۾ رکي گھوڙي جي زين(سنج) تي ويهڻ تائين ايتري دير ۾ هڪ قرآنِ مجيد ختم ڪندا هئا۔(شواهد النبوۃ، رڪن سادس دربيان شواھد ودلايلي...الخ، ص۲۱۲)

واهه ڇا ڳالهه ڪجي عاشِقِ قرآن جي

حضرتِ سَيدُنا ثابِت بُنانيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه روزانو هڪ ڀيرو قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سدائين ڏينهن جو روزو رکندا ۽ سڄي رات قِيام (يعني عبادت) ڪندا هئا، جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا ان ۾ ٻه رڪعتون ”تَحِيَّةُ المسجِد“ ضرور پڙهندا هئا۔ تحديثِ نعمت طور فرمائن ٿا؛ مون جامع مسجد جي هر ٿنڀي وٽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍيو ۽ اللہ  پاڪ جي بارگاهه ۾ گريه و زاري ڪئي آهي۔ نماز ۽ تِلاوت سان کين خصوصي محبت هئي، سندن اهڙو ته ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، منقول آهي؛ جڏهن به ماڻهو سندن مزارِ پرُ انوار جي ويجهو کان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔ ۔(حليۃ الاولياء،۲ /۳۶۴- ۳۶۶ ملتقطاً و ملخصاً)