Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تلاوتِ قرآن جو حڪم ۽ قرآن شريف جا تقاضا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح اسان کي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ ترغيب جي لاءِ احاديثِ مُبارڪه ۾ ان جو گھڻيون فضيلتون بيان ڪيون ويون آهن اهڙي طرح اسان کي ان جي اَحڪامن تي عمل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو قرآٓنِ پاڪ ۾ بيان ڪيل احڪامن تي عمل نٿا ڪن انهن جي لاءِ عذابات جون سخت وعيدون به بيان ٿيون آهن۔ اسان کي گھرجي ته قرآنِ پاڪ جي تلاوت سان گڏوگڏ ترجمو ڪنزالايمان ۽ ان سان گڏ تفسير صراطُ الجنان/ خزائنُ العرفان يا نُورُالعرفان جو مُطالعو (Study) به ڪريون ڇوته قرآٓن ۾ غور وفڪر ڪرڻ ان کي سمجھڻ به اعليٰ درجي جي عبادت آهي، امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته هڪ آٓيت سمجھي ۽ غور و فڪر ڪري پڙھڻ بغير غور و فڪر ڪري پورو قرآن پڙهڻ کان بهتر آهي۔ (احياء العلوم، ڪتاب التفڪر، بيان مجاري الفڪر، ۵/۱۷۰) اچو! قُرآني اَحڪامن تي عمل نه ڪرڻ وارن جو قبر ۾ ڪهڙو انجام ٿيندو آهي ان باري ۾ هڪ عبرت ناڪ حڪايت ٻڌو، جيئن

مصر جو بادشاھ

حضرت سَيدُنا محمد بن علي مراداني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان

 (بادشاھ مصر) ” احمد بن طولون“ جي قبر وٽان لنگھيس ته ڏٺم هڪ شخص ان جي قبر تي قرآن ڪريم جي تلاوت ڪري رهيو آهي۔ پوءِ ائين ٿيو جو ان شخص ”احمد بن طولون“ جي قبر تي اچڻ ڇڏي ڏنو۔ ڪافي عرصي بعد منهنجي ان سان ملاقات ٿي ته مون پڇا ڪئي: ڇا تون اهو ئي شخص نه آهين جيڪو ”احمدبن طولون“ جي قبر وٽ قرآن پاڪ پڙھندو هئين؟ ته هو چوڻ لڳو: اوهان درست فرمايو، مان ئي ابن طولون جي قبر وٽ قرآن پڙھندو هئس