Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

ملائڪ تلاوت ٻڌڻ ايندا رهيا

حضرت سَيدُنا ابو سَعِيد خدر يرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا اُسَيد بن حُضَير رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هڪ رات پنهنجي اِصطبل(گهوڙن ٻڌڻ جي جاءِ) ۾ قرآنِ مجيد جي تلاوت فرمائي رهيا هئا ته سندن گھوڙو اڇلڻ لڳو۔ انهن ٻيهر قرآن جي تلاوت شروع ڪئي ته گھوڙو ٻيهر اُڇلڻ لڳو، ٽئين ڀيري به ائين ئي ٿيو۔ حضرت سَيدُنا اُسَيد بن حُضَير رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته مون کي خدشو ٿيو ته ڪٿي گھوڙو (منهنجي پٽ) کي نه چيڀاٽي ڇڏي، تنهنڪري مان گھوڙي کي پڪڙڻ جي لاءِ بيٺس ته مون ڏٺو ته منهنجي مٿي تي هڪ ڇٽي سايوڪري بيٺي آهي جنهن ۾ چراغ روشن آهي، پوءِ اها فضا ۾ گم ٿي منهنجي نگاهن کان غائب ٿي وئي۔ صبح جي وقت مان سرڪارِمدينهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان گذريل رات پنهنجي اِصطبل ۾ قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪري رهيو هئس ته منهنجو گھوڙو اُڇلڻ لڳو۔ جڏهن مان ٻاهر آيس ته مون پنهنجي مٿي تي هڪ ڇٽي کي سايو ڪندي ڏٺو جنهن ۾ چراغ رو شن هئا، پوءِ اها فَضا ۾ بُلند ٿيندي وئي ايستائين جو منهنجي نگاهن کان پري ٿي وئي، ان وقت (مهنجو پٽ) گھوڙي جي ويجھو هو مون کي خوف محسوس ٿيو ته ڪٿي گھوڙو ان کي چيڀاٽي نه ڇڏي۔ اهو ٻڌي تاجدارِ رِسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: اهي ملائڪ هئا جيڪي تنهنجي قِرأت ٻڌڻ جي لاءِ آيا هئا جيڪڏهن توهان تلاوت ڪندا رهو ها ته صبح ماڻهو انهن کي ڏسن ها ۽ انهن مان ڪو به پوشيده نه رهي ها۔      

 (مسلم،ڪتاب صلاۃ المسافرين،باب نزول السڪينۃ…الخ،رقم:۷۹۶،ص ۳۱۱ ملتقطاً)