Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

جِي پيروِي ڪريو ۽ پرهيزگار ٿيو مَن توهان تي رحم ڪيو وڃي.

اُمت تي قرآنِ مجيد جو حق

بيان ڪيل آيت سڳوري تحت ”تفسيرِ صراطُ الْجِنان“ جلد 3 صفحي 247 تي آهي: هن (آيت) مان معلوم ٿيو ته امت تي قرآنِ مجيد جو هڪ حق هي آهي ته اهي هن مبارڪ ڪتاب جي پيروي ڪن ۽ هن جي احڪام جي خلاف ورزي ڪرڻ کان بچن۔ افسوس! اڄوڪي دور ۾ قرآنِ ڪريم تي عمل (ڪرڻ) جي لحاظ سان مسلمانن جو حال نه ٻڌائڻ جي لائق آهي، اڄ مسلمانن هن ڪتاب جي روزانو تلاوت ڪرڻ جي بدران ان کي گھرن ۾ جُزدان ۽ غِلاف جي زينت بڻائي ۽ دُڪانن تي ڪاروبار ۾ برڪت جي لاءِ رکيو آهي ۽ تلاوت ڪرڻ وارا به صحيح طريقي سان تلاوت نه ٿاڪن ۽ نه اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اللہ  ڪريم هن ڪتاب ۾ انهن جي لاءِ ڇا فرمايو آهي۔ تاريخ شاهد آهي ته جيستائين مسلمانن هن مُقَدَّس ڪتاب کي سيني سان لڳائي هن کي احتياط سان رکيو ۽ ان جي دَستُور ۽ قانونن (Rules) ۽ اَحڪامن تي سختي سان عمل ڪندا رهيا تيستائين سڄي دنيا ۾ انهن جي شوڪت جي هاڪ هئي ۽ غيرن جي دل مسلمانن جو نالو ٻڌي ڏڪڻ لڳندي هئي ۽ جڏهن کان مسلمانن قرآنِ عظيم جي احڪامن تي عمل ڇڏي ڏنو آهي تڏهن کان اهي سڄي دنيا ۾ ذليل

 ۽ خوار ٿي رهيا آهن ۽ غيرن جا محتاج بڻجي ويا آهن۔ (صراط الجنان، ۳/۲۴۷)

وہ ز مانے میں معزز تھے مسلماں ہوکر                  اور ہم خوار ہوئے تارکِ قرآں ہو کر

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيت سڳوري ۽ ان جي تفسير مان معلوم ٿيو ته قرآنِ ڪريم جي احڪامن تي عمل نه ڪرڻ جو دُنيوي نُقصان ته پنهنجي جڳھ، اُخروي نُقصان به اِنتهائي شديد آهي، يقيناً جنهن پنهنجي زِندَگي ۾ اللہ