Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي احڪامن تي عمل ناهي ڪيو، اللہ  ۽ ان جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضي نه ڪيو اهو دنيا ۾ به ذليل ۽ خوار ٿيندو ۽ آخرت ۾ به ان جي سخت پڪڙ ٿيندي۔

فتنن کان بچڻ جو طريقو

امير المومنين حضرت سَيدُنا علي المرتضيٰ،شيرِخدا رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: عنقريب هڪ فتنو پيدا ٿيندو۔ مون عرض ڪيو: يا رسولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ان کان بچڻ جو طريقو ڇا هوندو؟ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: اللہ  تعاليٰ جو ڪتاب، جنهن ۾ توهان کان اڳ وارن ۽ بعد وارن جون خبرون آهن ۽ توهان جا

 آپس(پاڻ) جا فيصلا آهن، قرآن فيصلو ڪندڙ آهي ۽ اهو ڪو مذاق نه آهي۔ جيڪو ظالم ان کي ڇڏي ڏيندو اللہ  تعاليٰ ان کي تباھ ڪندو ۽ جيڪو ان جي غير ۾ هدايت ڳولهيندو اللہ  تعاليٰ ان کي گمراھ ڪندو، اهو اللہ  تعاليٰ جي مضبوط رَسّي ۽ حڪمت وارو ذڪر آهي، اهو سڌو رستو آهي، قرآن اهو آهي جنهن جي برڪت سان خواهشات بگڙجندي ناهي، ٻيون زبانون گڏجي ان کي مشڪوڪ نه ٿيون بڻائي سگھن، جنهن کان عالم بي پروا نه ٿا ٿين، جيڪو گھڻو دُهرائڻ سان پراڻو ناهي ٿيندو، جنهن جا عجائبات ختم نٿا ٿين، قرآن ئي اهو آهي جو جڏهن ان کي جِنّن ٻڌو ته اهو چوڻ کان بغير نه رهي سگھيا ته اسان عجيب قرآن ٻڌو آهي جيڪو چڱائي جي رهبري ڪندو آهي پوءِ اسان ان تي ايمان آندو، جيڪو قرآن جو قائل هجي اهو سچو آهي، جنهن هن تي عمل ڪيو اهو ثواب ماڻيندو، جيڪو هن جي مطابق فيصلو ڪندو اهو انصاف ڪرڻ وارو هوندو ۽ جيڪو هن ڏانهن سڏي ته ضرور اهو سڌي راھ ڏانهن سڏيو ويو۔(ترمذي، ڪتاب فضائل القرآن، باب ما جاء في فضل القرآن، ۴/۴۱۴، حديث: ۲۹۱۵ ملتقطاً)