Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

ٻول نه ڪندا هئا. جيڪڏهن اسان قرآنِ ڪريم پڙهڻ نه ٿا ڄاڻو ته پڙهڻ سکون. جيڪڏن پڙهڻ ڄاڻون ٿا ته ٻين کي سيکاريون. مسلمانن جي هڪ تعداد اهڙي به هوندي آهي جيڪا صرف ماههِ رمضان ۾ ئي مسجدن جو رخ ڪندي آهي، خاص ڪري مسلمانن کي اهتمام سان نماز سيکاري وڃي، قرآنِ ڪريم سيکاريو وڃو، هي تمام وڏي نيڪي آهي، جيڪڏهن اسان جي ٿوري ڪوشش سان ڪو نمازي بڻجي ويو، درست قرآنِ ڪريم پڙهڻ وارو بڻجي ويو ته اللہ  پاڪ جي رحمت مان اميد آهي ته بيشمار ثواب ملندو.    

یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے      تلاوت کرنا میرا کام صبح و شام ہو جائے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تلاوت جو ذوق ۽ بُزُرگانِ دِين

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي بُزُرگ سڳورن سڄي زندگي سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن تي عمل ڪندي گُذاري، اهي خوش نصيب فرضن جي ادائيگي سان گڏوگڏ سُنَّت ۽ مُستَحَبّ به پابندي سان اَدا ڪندا هئا، شوق ۽ مَحَبَّت سان خوب شب بيداري ڪندا ها(يعني رات جو جاڳي ڪري اللہ  پاڪ جي عبادت ڪندا ها)، ڏينهن جو روزو ۽ راتين ۾ قيام ڪندا ها، اهي نيڪ سيرت ماڻهو پاڻ به قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪثرت سان ڪندا ها ۽ ماڻهن کي به قرآنِ پاڪ جي تعليم ڏيندا ها، اچو! ترغيب لاءِ بُزُرگ سڳورن جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جو به ذهن (Mind) بڻجي ۽ اسان به بزرگانِ دين جي نقشِ قدم تي هلندي وڌ کان وڌ تلاوتِ قرآٓنِ ڪريم ڪرڻ وارا ۽ ٻين کي پڙهائڻ وارا بڻجي وڃون،

عبادت ۽ رياضت ڏسي قبول اسلام

امير المومنين حضرت سَيدُنا ابوبڪرصديقرَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ابتداءِ اسلام ۾