Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت      رہوں باوضو میں سدا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تلاوت جي فضيلت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته جنهن هنڌ تي قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي ويندي آهي اتي رَحمَت جي ملائڪن جو نُزول ٿيندو آهي، ان هنڌ تي اللہ  پاڪ جي رَحمتن جي برسات ٿيندي آهي، تلاوتِ قرآن جي برڪت سان آس پاس رهڻ واري مَخلوق کي قُدرت جا نَظارا به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيئن ته اوهان ٻڌو ته هڪ صحابي رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه تلاوت ڪندو رهيو ۽ سندن گھوڙو ملائڪن جو نَظارو ڪندو رهيو ۽ اُن صحابي رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه به هڪ روشن چراغ جي صورت ۾ ملائڪن کي ملاحظه فرمايو۔ ياد رکو! قرآنِ ڪريم اللہ  پاڪ جو نهايت ئي مبارڪ ۽ با برڪت ڪلام آهي، هن جو پڙھڻ، پڙھائڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ سڀ ثواب جا ڪم آهن نه صرف ان جي تلاوت ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي بلڪ ان جي زيارت ڪرڻ به عبادت آهي جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي:اَلنَّظْرُ فِي الْمُصْحَفِ عِبَادَۃٌ يعني قرآنِ مجيد کي ڏسڻ عبادت آهي۔(شعب الايمان،باب في بر الوالدين، ۶/۱۸۷، حديث: ۷۸۶۰) اهو ئي سبب آهي ته نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وقت بوقت پنهنجي صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ۽ کوڙ حديث سڳورين ۾ ان جون فضيلتون به بيان ڪيون آهن۔ جيڪي ماڻهو ڪثرت سان قرآنِ پاڪ پڙھندا آهن انهن تي اِنعاماتِ خُداوندي جي ڪهڙي ڇماڇم برسات ٿيندي آهن، اچو! هن باري ۾ ٽي (3) حديث سڳوريون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا،