Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

تفسير’’صِراط ُالجنان‘‘ مان روزانو ترجمو ۽ تفسير ٻُڌڻ يا ٻڌائڻ يا وري اِنفرادي طور تي پڙهڻ جي عادت بڻايو ۽ ثواب جو وڏو خزانو گڏ ڪريو۔ اچو! تفسير صراط الجنان جون ڪجھ نمايا خاصيتون (Qualities) ٻڌون ٿا:

”تفسير صراط الجنان“جو تعارف

 (1) تفسير صِراطُ الجنان ۾ هر آيت جا 2 ترجما ڏنا ويا آهن، هڪ اعليٰ حضرت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪنزالايمان مان، ٻيو ترجمو آسان اُردو ۾ ڪنزُالعرفان جي نالي سان۔ (2) تفسير صِراطُ الجنان ۾ قابلِ اعتماد علماءِ ڪرام جي قديم ۽ جديد قرآني تفسيرن ۽ ٻين اسلامي عُلومن تي لکيل ڪتابن، خاص ڪري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي لکيل ڪثير ڪتابن مان ڪلام اَخذ ڪري آسان انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي۔(3) تفسير صِراطُ الجنان نه وڌيڪ ڊگھو آهي نه ئي نهايت مختصر، بلڪه متوسط ۽ جامع آهي۔ (5) تفسير صِراطُ الجنان ۾ وس آهر آسان انداز اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن عام اسلامي ڀائر به هن مان فائدو حاصل ڪري سگھن۔(6) تفسير صِراطُ الجنان ۾ اعمال جي اِصلاح جي لاءِ مُعاشرتي بُرائين جو تذڪرو ۽ معاشرتي برائين جا عذاب بيان ڪيا ويا آهن۔(7) تفسير صِراطُ الجنان ۾ باطني بيمارين جي باري ۾ به تفصيل سان ڪلام ڪيو ويو آهي۔(9) تفسير صِراطُ الجنان ۾ والدين، رِشتيدارن، يتيمن، پاڙيسرين وغيره سان سٺو سلوڪ ڪرڻ

 ۽ صِله رحمي ڪرڻ جي باري ۾ به اِصلاحي مواد موجود آهي۔ (10) تفسير صِراطُ الجنان ۾ عقائدِ اهلسنّت ۽ معمولاتِ اهلسنّت جي دلائل سان وضاحت ڪئي وئي آهي۔ اوهان به نيت ڪريو ته روزانو گھٽ مان گھٽ ٽي آيتون ترجمي ۽ تفسير سان ”صراط الجنان“ جو مطالعو ڪنداسين ۽ قرآنِ پاڪ جي تعليمات تي نه صرف پاڻ عمل ڪنداسين بلڪه ٻين اسلامي ڀائرن کي به