Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

ترغيب ڏيارينداسين۔ اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ

یہی ہے آرزو تعلیم قرآن عام ہوجائے                     ہر اک پرچم سے اونچا پرچم اسلام ہوجائے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

مجلس”مدرسة المدينه “

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قرآٓنِ پاڪ جي تعليم عام ڪرڻ، نيڪ ماڻهن جي صحبت ماڻڻ، احڪامِ قرآٓن تي عمل ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 104 شعبن ۾ دينِ متين جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، جنهن مان هڪ شعبو ”مجلس مدرسة المدينه“ به آهي۔ هن مجلس (Depart) جي ڪوششن سان مُلڪ ۽ بيرونِ ملڪ حفظ ۽ ناظره جا هزارين

مدارِس بنام ’’مدرسة المدينه‘‘ (للبنين ۽ للبنات، جزوقتي، رهائشي) قائم آهن۔ دعوتِ اسلامي جي مدرسة المدينه مان اڃا تائين مجموعي طور تي تقريبًا 74329 (چوهتّر هزار ٽي سو اُوڻٽيھ) مدني منّا ۽ مدني منّيون قراٰنِ ڪريم حفظ ڪرڻ جي سعادت ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته ناظره مڪمل ڪرڻ وارن جو تعداد ڪم و بيش215822 (ٻه لک پندرهن هزار اٺ سو ٻاويھ) آهي۔ هاڻي تائين ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ مدرسة المدينه(للبنين وللبنات) جو تعداد ڪم وبيش 2761 (ٻه هزار ست سو ايڪهٺ) آهي، ۽ انهن ۾ تقريباً 128413 (هڪ لک اٺاويھ هزار چار سو تيرهن) مَدَني مُنّن ۽ مَدَني مُنّين کي حفظ ۽ ناظِره جي مفت تعليم ڏني پئي وڃي۔

اوهان به پنهنجن مدني منن ۽ منين کي مدرسة المدينه ۾ داخلا ڏياريو ۽