Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

مدرسة المدينه بالغان

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مدرسة المدينه بالغان جي ذريعي بالغ (وڏي عمر جي) اسلامي ڀائرن کي مختلف مقامن(مثال طور مسجدن، دفترن، مارڪيٽ دڪان وغيره) ۽ مختلف اوقات ۾ في سبيل اللہ  ناظره قرآن جي تعليم سان گڏو گڏ نماز جا بنيادي مسائل ٻڌايا ويندا آهن، سنتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن. ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ مدرسة المدينه بالغان جي تعداد تقريبا 13853 (تيرهن هزار اٺ سو ٽيونجاهه) ۽ پڙهڻ وارن جي تعداد تقريبا 89043 (اڻانوي هزار ٽيتاليهه) آهي

مدرسة المدينه بالغات

    جهڙي طرح وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۾ تعليم قرآن عام ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اهڙي طرح وڏي عمر جي اسلامي ڀينرن ۾ به قرآن پاڪ جي تعليم کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مدرسة المدينه بالغات ۾ پڙهڻ وارين جو تعداد تقريبا 63 هزار کان وڌيڪ آهي.

12 مدني ڪمن هڪ مدني ڪم ”مدرسة المدينه بالغان“

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مدرسة المدينه بالغان 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم به آهي٭ مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان درست قرآن ڪريم پڙهڻ نصيب ٿيندو آهي٭ مدرسة المدينه بالغان نماز، وضو ۽ غسل وغيره ضروري احڪام سکڻ جو بهترين ذريعو آهي٭ مدرسة المدينه بالغان ۾ حاضري جي برڪت سان چڱي صحبت ميسر ايندي آهي٭مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان قرآن ڪريم پڙهڻ پڙهائڻ جي سعادت ملندي آهي٭مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان علم دين جي دولت نصيب ٿيندي آهي٭مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان مدني انعامات تي عمل جو جذبو