Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

جَبیں میلی نہیں ہوتی دَھن میلا نہیں ہوتا

غلامانِ محمد کاکفن میلا نہیں ہوتا

قرآن جي تلاوت ڪرڻ ۾ مقابلو

حضرت سَيدُنا شيخ بَهاءُالدِّين زڪريا ملتانيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ (ڀيري) رات جي وقت پنهنجي دوستن کي ارشاد فرمايائون: توهان مان ڪو اهڙو شخص آهي جيڪو اڄ جي رات ٻه (2) رڪعت نماز پڙھي ۽ هڪ رڪعت ۾ مڪمل قرآن شريف پڙھي۔ اتي موجود حاضرين مان ڪنهن کي همت نه ٿي۔ شيخ بهاءُ الدِّين زڪريا رَحِمَةُ اللهُ تعالٰی عَليهِ پاڻ بيٺا ۽ ٻه (2) رڪعت نماز شروع ڪئي۔ پهرين

 رڪعت ۾ سڄو قرآنِ ڪريم ۽ چار (4) سيپارا وڌيڪ تِلاوت ڪئي ۽ ٻي رڪعت ۾ سوره اخلاص پڙھي ۽ نماز مڪمل ڪئي۔

    (فواد الفوائد مترجم، پانچويں مجلس،ص۶۲ ملخصاً)

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل بُزُرگانِ دين جي واقعن مان معلوم ٿيو ته اللہ  پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪيتري قدر شوق ۽ محبت سان تلاوت ڪندا هئا، ڏينهن رات ربِّ ڪريم جو ڪلام پڙھندا رهندا هئا، اللہ  پاڪ جي ڪلام سان ايتري قدر مَحَبَّت هئي جو ڪجھ ئي دير ۾ سڄي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا۔ پر افسوس! اڄ مسلمانن جي اڪثريت قرآنِ پاڪ جي تعليم کان اڻ ڄاڻ آهي، ڪن نادانن کي قرآنِ پاڪ ڏسي پڙھڻ به نٿو اچي، جن کي پڙهڻ اچي ٿو اهي به سالن تائين قرآنِ پاڪ کولي نٿا ڏسن، ڪيئي ڪيئي مهينا (Months) گذري ويندا آهن پر مسلمانن جا گھر تلاوت جي برڪت سان محروم رهندا آهن۔ اچو! اسان به نِيت ڪيون ٿا ته اڄ کان هنن حديث سڳورين تي عمل ڪندي ان نيڪ سيرت ماڻهن جي اَدائن کي اپنائيندي اسان پاڻ به قرآنِ پاڪ پڙھنداسين ۽ ٻين ماڻهن کي به قرآن ِ پاڪ پڙهڻ جي ترغيب ڏيارينداسين۔