Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

ڇوته هو اسان جو حاڪم هو ۽ عدل وانصاف جي معاملي ۾ مشهور(Famous) هو تنهنڪري مون هن ڳالھ کي پسند ڪيو ته ان جي لاءِ ايصالِ ثواب ڪيان ۽ هن نِيت سان مون ان جي قبر وٽ قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ شروع ڪري ڏني۔ حضرت سَيدُنا محمد بن علي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، مون ان شخص کان پڇيو: پر هاڻي توهان اتي تلاوت ڇو نٿا ڪيو؟ هو شخص چوڻ لڳو: هڪ رات مون خواب ۾ ”احمد بن طولون“ کي ڏٺو، ان مون کي چيائين: توهان منهنجي قبر تي قرآن جي تلاوت نه ڪريو۔ مون چيو: اوهان مون کي تلاوتِ قرآن کان ڇو منع ڪري رهيا آهيو؟ ان جواب ڏنو: جڏهن به توهان قرآنِ مجيد جي ڪا آيت تلاوت ڪندا آهيو ته مون کي مٿي تي زور دار چوٽ هنئي ويندي آهي ۽ چيو ويندو آهي: ڇا تو دنيا ۾ اها آيت نه ٻڌي هئي؟ تنهنڪري ان خواب کان بعد مون ”احمد بن طولون“ جي قبر تي تلاوت ڪرڻ ڇڏي ڏنو۔(عيون الحڪايات ،ص۲۰۳)

قرآن تي عمل نه ڪرڻ جي سزا

بزرگانِ دين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين کان منقول آهي: بعض اوقات ٻانهو هڪ سورت شروع ڪندو آهي ته ان کي پوري پڙهڻ تائين ملائڪ ان جي لاءِ رحمت جي دعا ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ٻانهو هڪ سورت شروع ڪندو آهي ته ان کي پوري پڙھڻ تائين ملائڪ ان تي لعنت موڪليندا آهن۔ عرض ڪيو ويو: ائين ڇو؟ فرمايائون: جڏهن هو ان جي حلال کي حلال ۽ حرام کي حرام سمجھندو آهي ته ملائڪ ان جي لاءِ رحمت جي دعا ڪندا آهن نه ته لعنت موڪليندا آهن۔

  (احياء العلوم،ڪتاب آداب تلاوۃ القرآن،۱/۳۶۵)

قرآن تي عمل نه ڪرڻ وارا

نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَرصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن قرآن کي هڪ شخص جي صورت عطا ڪئي ويندي، پوءِ ان کي هڪ اهڙي شخص وٽ آندو ويندو جيڪو قرآن جو عالم هئڻ جي باوجود