Book Name:Tilawt e Quran Aur Musilman

جنتي لباس پارايو ويندو

1    ارشاد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن قرآن پڙهڻ وارو ايندو ته قرآن عرض ڪندو؛ يا ربّ ڪريم! هن کي حُلَّه (يعني جنتي لباس) پاراءِ، ته هن کي ڪرامت جو حُلّو (يعني بزرگي وارو جنتي لباس) پارايو ويندو، وري قرآن عرض ڪندو؛ يا ربّ ڪريم! ان ۾ اضافو فرماءِ، ته ان کي ڪرامت جو تاج پارايو ويندو، وري قرآن ڪريم عرض ڪندو؛ يا رب ڪريم! ان سان راضي ٿي وڃ، ته اللہ  پاڪ ان سان راضي ٿي ويندو، پوءِ قرآن پڙهڻ واري کي چيو ويندو؛ قرآن پڙهندو وڃ ۽ جنت جا درجا طئي ڪندو وڃ ۽ هر آيت تي ان کي هڪ نعمت ڏني ويندي. (ترمذي،ڪتاب فضائل القرآن،باب ما جآء في من قرأ …الخ، ۴/۴۱۹، حديث:۲۹۲۴)

خزاني کان افضل

2        ارشاد فرمايائون: اللہ  پاڪ قرآن ٻُڌڻ واري کان دنيا جون مصيبتون پري ڪندو آهي ۽ قرآن پڙھڻ واري کان آخرت جون مصيبتون پري ڪندو آهي۔ قرآنِ پاڪ جي هڪ آيت ٻڌڻ سون جي خزاني کان بهتر آهي، ان جي هڪ آيت پڙھڻ عرش جي هيٺ موجود سمورين شين کان افضل آهي۔(مسند الفردوس، ۵/۲۵۹ ، حديث: ۸۱۲۲)

هڪ اکر تي ڏهه نيڪيون

3    ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص ڪتابُ الله جو هڪ اکر پڙهندو، ان کي هڪ نيڪي ملندي جيڪا ڏهن جي برابر هوندي۔ آئون اهو نه ٿو چوان الۗــــــمّۗ هڪ اکر آهي، بلڪ اَلِف هڪ اکر، لام هڪ اکر ۽ ميم هڪ اکر آهي۔ (ترمذي، ڪتاب فضائل القرآن،باب ما جآء في من قرأ …الخ،۴/۴۱۷، حديث:۲۹۱۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل احاديثِ مبارڪه مان معلوم ٿيو ته قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ ٻُڌڻ سان دنياوي مصيبتون، پريشانيون پري ٿينديون